افغانستان جو ناظم الامُور پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طلب، ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي تي سخت احتجاجي خط سندس حوالي

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي ناظم الامُور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي تي سخت احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو آهي، جڏهن ته اهڙو ئي احتجاجي خط پاڪستاني سفير عبيدالرحمان نظاماڻي پاران افغان پرڏيهي وزارت کي پڻ پهچايو ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي سومر ڏينهن ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪراچي حملي ۾ …

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي ناظم الامُور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي تي سخت احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو آهي، جڏهن ته اهڙو ئي احتجاجي خط پاڪستاني سفير عبيدالرحمان نظاماڻي پاران افغان پرڏيهي وزارت کي پڻ پهچايو ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي سومر ڏينهن ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪراچي حملي ۾ افغان شهرين، جن مان هڪ کي زنده گرفتار پُڻ ڪيو ويو هو، جي ملوث هجڻ تي افغانستان جي طالبان حڪومت کي احتجاجي خط موڪليو آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته افغانسان جي ناظم الامُور کي گذريل رات پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو ۽ ڪراچي دهشتگرد حملي تي هڪ سخت احتجاجي خط (ڊيمارش) سندس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳئي قسم جو احتجاجي خط پاڪستاني سفير عبيدالرحمان نظاماڻي افغان پرڏيهي وزارت کي به پهچايو آهي. ترجمان چيو ته اهي ڊيمارش ان حقيقت جي بنياد تي جاري ڪيا ويا آهن ته حملي ۾ افغان شهري ملوث هئا، جن مان هڪ کي زنده گرفتار پڻ ڪيو ويو. ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿئي ٿو ته افغان سرزمين ۽ افغان شهري پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.