اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي آچر تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وطن عزيز جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪندڙ شهيد سموري قوم جو فخر آهن، جن جي عظيم …
رينجرز اهلڪارن تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، شهيدن جي عظيم قرباني کي هميشا ياد رکيو ويندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن تي دهشتگرد حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي آچر تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وطن عزيز جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪندڙ شهيد سموري قوم جو فخر آهن، جن جي عظيم قربانين کي هميشا ياد رکيو ويندو. هن واضح ڪيو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت قبول جوڳي ناهي، پاڪستان جا بهادر سيڪيورٽي ادارا هر سازش جو ڀرپور جواب ڏيندا رهندا. هن شهيدن جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي همدردي ۽ زخمي اهلڪارن جي جلدي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن ۽ استحڪام عطا ڪري ۽ اسان جي سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.











