اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) نجي ٽي وي چينل ”جيو نيوز“ کي پيمرا قانونن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪندي ان جي نشريات 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. پيمرا پاران جاري بيان مطابق جيو نيوز تي 10 محرم الحرام، 26 جون 2026ع تي نشر ٿيل پروگرام ”سفر عشق“ ۾ ناقابل قبول مواد نشر ڪيو ويو. پيمرا چيو ته اهو عمل …
پيمرا قانونن جي ڀڃڪڙي تي جيو نيوز کي نوٽيس، لائسنس 15 ڏينهن لاءِ معطل

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) نجي ٽي وي چينل ”جيو نيوز“ کي پيمرا قانونن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪندي ان جي نشريات 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي. پيمرا پاران جاري بيان مطابق جيو نيوز تي 10 محرم الحرام، 26 جون 2026ع تي نشر ٿيل پروگرام ”سفر عشق“ ۾ ناقابل قبول مواد نشر ڪيو ويو. پيمرا چيو ته اهو عمل نه رڳو لائسنس جي ڀڃڪڙي آهي پر مذهبي، معاشرتي ۽ ثقافتي قدرن ۽ اصولن جي به ابتڙ آهي. پيمرا مطابق اهڙو مواد نشر ڪرڻ پيمرا قانون ۽ پيمرا جي شقن جي ڀڃڪڙي آهي جنهن سبب مذهبي جذبا مجروح ٿيا ۽ ٿيڻ جا خدشا آهن، جنهن جي بنياد تي جيو نيوز جو لائسنس معطل ڪيو پيو وڃي. پيمرا چيو ته مذهبي جذبا مجروح ٿيڻ ۽ مذهبي هم آهنگي کي نقصان پهچڻ کي نظر ۾ رکندي اهي حڪم جاري ڪيا پيا وڃن. پيمرا چيو ته جيو نيوز تي لازم هو ته مذهبي پروگرام نشر ڪندي احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ اداري جي اندروني ڪميٽي اهڙن معاملن جو پاڻ جائزو وٺي ها، پر اها ان ۾ ناڪام رهي. پيمرا جيو نيوز جو لائسنس فوري طور 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪندي چيو ته اهي سمورا حڪم پيمرا قانونن تحت جاري ڪيا پيا وڃن. پيمرا مطابق جيو نيوز جي نشريات سيٽلائٽ ۽ سمورن نشرياتي نيٽ ورڪس تي معطل رهندي جڏهن ته سمورن ڊسٽريبيوٽرز ۽ آپريٽرز کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته انهن حڪمن تي عمل يقيني بڻائن. پيمرا چيو ته ان معاملي تي پيمرا جي شڪايتن واري ڪائونسل به وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي ڪندي ۽ وڌيڪ ريگوليٽري ايڪشن جون سفارشون جوڙيندي. پيمرا جيو نيوز کي حڪم جاري ڪيا ته هو پنهنجي اداري اندر به انڪوائري ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙي ڀڃڪڙي نه ٿئي.











