نائب وزيراعظم  ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۽ ان کان ٻاهر پختي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير  عباس …

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۽ ان کان ٻاهر پختي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير  عباس عراقچي امن جي عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي تعريف ڪئي. هن ايراني عملي جي ميمبرن ۽ ماهيگرن جي محفوظ طريقي سان وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي  پڻ پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ اتي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں