پاڪستان پرڏيهي پاليسي عالمي سطح تي نتيجا ڏئي رهي آهي، ايندڙ مهينن ۾ قومي هدف حاصل ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عالمي سطح تي نتيجا ڏئي رهي آهي، ملڪ بهتر اقتصادي تبديلي طرف گامزن آهي، ايندڙ مهينن ۾ قومي هدف حاصل ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سرڪاري نيوز چينل سان ڳالهائيندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ حڪومت …

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عالمي سطح تي نتيجا ڏئي رهي آهي، ملڪ بهتر اقتصادي تبديلي طرف گامزن آهي، ايندڙ مهينن ۾ قومي هدف حاصل ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سرڪاري نيوز چينل سان ڳالهائيندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ حڪومت کي معيشت جا خطرا هٿ ۾ مليا هئا پر ان ڪامياب سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي استحڪام، بحالي ۽ عالمي اعتماد جي تجديد ڏانهن اڳيان وڌايو آهي.  هن چيو ته پاڪستان هاڻي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته اهم ميڪرو اڪنامڪ  اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن ۽ سيرپڪارن جو اعتماد آهستي آهستي بحال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عام منير جي اڳواڻي ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾  نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون جيڪي  پاڪستان جي عالمي مصروفيتن ۽ سفارتي ساک جي بحالي ۾ هڪ تاريخي ڪاميابي آهن. هن  چيو ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي ويو آهي ۽ هاڻي پائيدار استحڪام ۽ ترقي طرف وڌڻ جي پوزيشن ۾ آهي، ناڻي واڌ مسلسل گهٽجي رهي آهي ۽ معاشي حالتن م مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ايران سان وسيع واپاري لاڳاپن جي اميد آهي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي.

مزید خبریں