اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته خاران ۽ مستونگ ۾ 8 دهشتگردن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته دشمن جا ناپاڪ عزم ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. پنهنجي بيان ۾ هن بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته خاران ۽ مستونگ ۾ 8 دهشتگردن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته دشمن جا ناپاڪ عزم ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. پنهنجي بيان ۾ هن بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪارروائيون تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جا بهادر آفسر ۽ جوان وطن جي تحفظ لاءِ جنهن دليري ۽ عزم جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، پوري قوم انهن تي فخر ڪري ٿي. محمد حنيف عباسي چيو ته وطن عزيز جي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪار قوم جا حقيقي هيروز آهن، دهشتگردي جي خاتمي تائين رياستي ادارن جي ڀرپور مدد ۽ قومي اتحاد ضروري آهي، دشمن کي هر محاذ تي شڪست ڏينداسين.











