معيشت جي اصل طاقت اسان جا مائيڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار آهن: هارون اختر خان

اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ورلڊ مائيڪرو سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز  ڊي 2026ع جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته پاڪستان جي معيشت جي اصل طاقت اسان جا ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار آهن. هر ڪامياب معيشت جي مرڪز ۾ هڪ باهمت ڪاروباري شخصيت بيٺي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي خاص مددگار چيو ته پاڪستان  …

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ورلڊ مائيڪرو سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز  ڊي 2026ع جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته پاڪستان جي معيشت جي اصل طاقت اسان جا ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار آهن. هر ڪامياب معيشت جي مرڪز ۾ هڪ باهمت ڪاروباري شخصيت بيٺي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي خاص مددگار چيو ته پاڪستان  جا تقريبن 71 لک 40هزار ايم ايس ايم ايز قومي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ايم ايس ايم ايز قومي جي ڊي پي ۾ تقريبن 40 سيڪڙو ۽ روانگي واپار ۾ 30 سيڪڙو حصو وجهي رهيا آهن. هارون اختر چيو ته غيرزرعي شعبي ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ روزگار ايم ايس ايم ايز فراهم ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته وزيراعظم  محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان صنعتي،  روانگي واپار ۽ معيشت ڏانهن تيزي سان گامزن آهي، اسان جي ترجيح اهڙي معيشت جي جوڙجڪ آهي جيڪا روانگي واپار، جدت ۽ نجي شعبي جي قيادت تي ٻڌل هجي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل معيشت ۽ مستقبل جي عالمي هڪجهڙائي جو تعين ڪندا. هن چيو ته جيڪي قومون جدت ۽ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪنديون، اهي عالمي معيشت ۾ قيادت ڪندو. هن چيو ته ايم ايس ايم ايز جي ترقي قومي اقتصاسدي ايجنڊا جو مرڪزي ٿنڀ آهي، پاڪستان ۾ ايس ايم اي فنانسنگ  هڪ سال ۾ 46 سيڪڙو اضافي سان 854  ارب روپين تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته ايس ايم اي قرض وٺندڙ ڪاروبارن جو تعداد 53 سيڪڙو اضافي سان 3 لک 12 هزار  کان وڌي ويو آهي. هن چيو ته نئين پاليسي سان 32 لک کان وڌيڪ عورتون ڪاروباري ماڻهو فائدو حاصل ڪنديون. هن چيو ته نوجوانن جي اسٽارٽ اپ ڪلچر پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي ضمانت آهي، ماحول دوست صنعتون، سرڪلر اڪانامي ۽ ڊجيٽل ڪاروبار کي قومي ترجيح بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ايم ايس ايم ايز صرف مقامي نه پر عالمي مارڪيٽن ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. حڪومت اهڙو ڪاروبار ي ماحول جوڙي رهي آهي جنهن سان هر باصلاحيت فرد کي اڳتي وڌندڙ جا  برابر موقعا ميسر هوندا. پاڪستان جو معاشي مستقبل صنعتن، ڪارخانن، ٽيڪنالاجي مرڪزن ۽ ننڍن ڪاروبارن ۾ رقم ٿيندو، خاص مددگار  پنهنجي خطاب جي آخر ۾ دعوت ڏني ته اچو جدت کي قومي طاقت، ڪاروبار کي خوشحال ۽ سيڙپڪاري کي ترقي ۾ تبديل ڪيون.

مزید خبریں