اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پيٽروليم قيمتن جي حوالي سان چيو آهي، ته حڪومت نه ته ڪنهن شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي، حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين جي دائري ۾ رهندي صارفين تائين ڪو به فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ علي پرويز ملڪ چيو …
حڪومت نه ته ڪنهن شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي تي غير ضرورت تي بار وجهي رهي آهي: علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پيٽروليم قيمتن جي حوالي سان چيو آهي، ته حڪومت نه ته ڪنهن شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي، حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين جي دائري ۾ رهندي صارفين تائين ڪو به فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عهد تحت هن وقت تائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ مجموعي طور 200 روپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته هن وقت تائين پيٽرول جي قيمتن ۾ مجموعي طور 155 روپيا في ليڊر گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته هن هفتي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي پليٽس قيمت 98.35 کان 91.68 ڊالر في بيرل وچ ۾ جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي پليٽ جي قيمت 109.09 کان 104.79 ڊالر في بيرل وچ ۾ رهي.











