اسلام آباد - 27 جون (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي عام چونڊن لاءِ 45 تڪن مان 1265 اميدوارن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا. جاچ پڙتال دوران 41 اميدوارن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا ويا جن خلاف اپيلون اڄ (آچر) تي ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 27 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ آزاد ڪشمير جي 33 تڪن مان 1047 اميدوارن جڏهن ته آزاد …
آزاد ڪشمير جي ايندڙ عام چونڊن لاءِ 45 تڪن ۾ 1265 اميدوارن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا: اليڪشن ڪميشن

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي عام چونڊن لاءِ 45 تڪن مان 1265 اميدوارن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا. جاچ پڙتال دوران 41 اميدوارن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا ويا جن خلاف اپيلون اڄ (آچر) تي ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 27 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ آزاد ڪشمير جي 33 تڪن مان 1047 اميدوارن جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير جا پناهه گير جيڪي پاڪستان جي 12 تڪن ۾ رهن ٿا، 218 اميدوارن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا. نامزدگي وارن ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل مڪمل ٿي ويو. ترجمان موجب 45 تڪن مان 41 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. انهن ڪاغذن جي رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو عمل 25 کان 28 جون آهي. هن وقت تائين 12 اپيلون جمع ٿي چڪيون آهن. نامزدگي وارن ڪاغذن تي اپيلن جي ٻڌڻي 29 کان 30 جون تي ٿيندي جڏهن ته پهرين ۽ 2 جولاءِ تي اپيلن تي ٻڌڻي مڪمل ڪري حتمي فيصلو جاري ڪيو ويندو.











