ملڪ جي آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال جا انگ اکر

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي)  واپڊا ترجمان چيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 37 هزار ڪيوسڪ آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چشمه بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 85 هزار 800 …

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي)  واپڊا ترجمان چيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 55 هزار400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 37 هزار ڪيوسڪ آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چشمه بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 85 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 75 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ هيڊ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 13 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو42 هزار ڪيوسڪ آهي. واپڊا ترجمان مطابق تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1438.49 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو6 لک 80 هزار ايڪڙ فوٽ آهي. ساڳئي طرح منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1164.10 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو1 لک 23 هزار ايڪڙ فوٽ آهي. جڏهن ته چشمه ۾ پاڻي جي سطح 640.80 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو 40 هزار فوٽ آهي. واپڊا ترجمان چيو ته تربيلا، منگلا ۽ چشمه جي ڊيمن ۾ استعمال جو پاڻي جو مجموعي ذخيرو 30 لک 21 هزار ايڪڙ فوٽ آهي. 

مزید خبریں