بلوچستان ۾ 5.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) بلوچستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڇنڇر ڏينهن 5.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. زلزلي ماپيندڙ مانيٽرنگ سينٽر(اين ايس ايم سي) مطابق زلزلي جي شدت 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز بارکان کان 58 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ واقع هو. پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) مطابق ڇنڇر جي صبح موسيٰ خيل، بارکان، رکني ۽ ڪوهلو ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا …

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) بلوچستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڇنڇر ڏينهن 5.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. زلزلي ماپيندڙ مانيٽرنگ سينٽر(اين ايس ايم سي) مطابق زلزلي جي شدت 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز بارکان کان 58 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ واقع هو. پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) مطابق ڇنڇر جي صبح موسيٰ خيل، بارکان، رکني ۽ ڪوهلو ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ڪيترن علائقن ۾ ماڻهو زخمي ٿيڻ ۽ گهرن کي نقصان پهچئڻ جا اطلاع مليا آهن. متاثر علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ماڻهو خوف جي عالم ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ حفاظت لاءِ کليل علائقن طرف ڀڳا. پي ڊي ايم اي مطابق ڪنگري، راشام ۽ کجوري ۾ ڪجهه ماڻهو معمولي زخمي ٿيڻ جا طلاع مليا آهن. امدادي ٽيمون هنگامي ڪارروائين لاءِ متاثر علائقن ۾ روانيون ڪيون ويون آهن.

مزید خبریں