سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا في تولو جي گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق ڇنڇر ڏينهن 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 31 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت ۾ 730 رپين جي گهٽتائي سان 3 لک 69 هزار 715 رپيا ٿي وئي. ساڳئي طرح …

اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا في تولو جي گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق ڇنڇر ڏينهن 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 31 هزار 2 سئو 36 روپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت ۾ 730 رپين جي گهٽتائي سان 3 لک 69 هزار 715 رپيا ٿي وئي. ساڳئي طرح 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت به 669  رپين جي گهٽتائي سان 3 لک 38 هزار917 رپين تائين گهٽجي وئي. واضح رهي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 10 ڊالر في اونس جي گهٽتائي سان 4088 ڊالر ٿي وئي. ٻئي طرف چانديءَ جي في تولو قيمت 271 رپين جي گهٽتائي سان 6393 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 161 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5480 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ چانڊي جي في تولو قيمت ۾ 2.71 ڊالر في اونس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ چاندي جي في اونس قيمت 59.14 ڊالر تائين گهٽتائي ٿي وئي. 

مزید خبریں