لاهور – 27 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن 27-2026ع جي ڊيپارٽمنٽل ٽورنامنٽس جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جي شروعات آگسٽ 2026ع کان ٿيندي جڏهن ته ڊيپارٽمنٽل ٽورنامنٽس سيپٽمبر 2026ع کان شروع ڪيون وينديون. هن ڀيري اهي ايونٽس ڊسمبر ۽ جنوري بدران سيپٽمبر ۾ منعقد ٿيندا. سيزن ۾ چار ڏينهن واري فرسٽ ڪلاس پريذيڊنٽس ٽرافي گريڊ 1، ۽ ٽن ڏينهن واري …
پي سي بي پاران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ڊيپارٽمنٽل ٽورنامنٽس جي شيڊول جو اعلان

مزید خبریں
لاهور – 27 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن 27-2026ع جي ڊيپارٽمنٽل ٽورنامنٽس جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جي شروعات آگسٽ 2026ع کان ٿيندي جڏهن ته ڊيپارٽمنٽل ٽورنامنٽس سيپٽمبر 2026ع کان شروع ڪيون وينديون. هن ڀيري اهي ايونٽس ڊسمبر ۽ جنوري بدران سيپٽمبر ۾ منعقد ٿيندا. سيزن ۾ چار ڏينهن واري فرسٽ ڪلاس پريذيڊنٽس ٽرافي گريڊ 1، ۽ ٽن ڏينهن واري پريذيڊنٽس ٽرافي گريڊ 2 گولڊ ۽ سلور ٽورنامنٽس شامل هونديون. 8 ٽيمن تي ٻڌل پريذيڊنٽس ٽرافي گريڊ 1 ۽ پريذيڊنٽس ڪپ کي خاص اهميت ڏني ويندي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته هو ڊيپارٽمنٽل ٽيمن جي سهڪار سان مقابلن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سان گڏو گڏ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرز لاءِ مستحڪم مالي موقعا به پيدا ڪندو. پريذيڊنٽس ڪپ ون ڊي ٽورنامنٽ کي خاص اهميت ڏني ويندي ڇو جو اهو آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2027ع جي تيارين جو اهم حصو هوندو.











