سليمه امتياز آءِ سي سي ٽي وومينز ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) پاڪستان جي سليمه امتياز هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل عبور ڪندي آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. انگلينڊ ۾ جاري وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران سليمه امتياز هيستائين چار مئچن ۾ مختلف ذميواريون سرانجام ڏئي چڪي آهي. هو ٻن مئچن ۾ آن فيلڊ امپائر، هڪ مئچ …

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) پاڪستان جي سليمه امتياز هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل عبور ڪندي آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. انگلينڊ ۾ جاري وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران سليمه امتياز هيستائين چار مئچن ۾ مختلف ذميواريون سرانجام ڏئي چڪي آهي. هو ٻن مئچن ۾ آن فيلڊ امپائر، هڪ مئچ ۾ ٽيليويزن امپائر ۽ هڪ مقابلي ۾ فورٿ امپائر جا فرض سرانجام ڏئي چڪي آهي. ورلڊ ڪپ ۾ سندس ذميوارين جو سلسلو جاري آهي. سليمه امتياز ڇنڇر ڏينهن لنڊن جي اوول گرائونڊ ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ مئچ ۾ ٽيليويزن امپائر جڏهن ته آچر تي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مقابلي ۾ فورٿ امپائر جا فرض سرانجام ڏيندي. واضح رهي ته سليمه امتياز سيپٽمبر 2024ع ۾ آءِ سي سي جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پينل ۾ شامل ٿيندڙ پهرين پاڪستاني عورت پڻ بڻجي هئي، جيڪا پاڪستاني عورت ڪرڪيٽ آفيشلز جي لاءِ هڪ اهم ڪاميابي تصور ڪئي وڃي ٿي. پنهنجي تاريخي ڪامياب تي ڳالهائيندي سليمه امتياز چيو ته آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بطور امپائر ڊيبيو ڪرڻ سندس لاءِ ۽ پاڪستان جي لاءِ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس اها ڪاميابي وڌيڪ پاڪستاني عورتن کي ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ وڌڻ جي ترغيب ڏيندي.






مزید خبریں