آمريڪي عملدارن پاران تازو ئي روڪيل سامونڊي جهاز لينور/ ڊيوينا جي 22 ايراني عملي جا ميمبر حفاظت سان ڪراچي پهچي ويا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي عملدارن پاران تازو ئي روڪيل سامونڊي جهاز لينور/ ڊيوينا جي 22 ايراني عملي جا ميمبر اڄ ٻنپهرن جو حفاظت سان ڪراچي پهچي ويا آهن، هاڻي پاڪستان ۾ ايراني سفارتي مشنز سان ويجهي تعاون سان انهن جي جلد کان جلد ۽ محفوظ طريقي سان پنهنجي وطن واپسي جي انتظامن کي …

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي عملدارن پاران تازو ئي روڪيل سامونڊي جهاز لينور/ ڊيوينا جي 22 ايراني عملي جا ميمبر اڄ ٻنپهرن جو حفاظت سان ڪراچي پهچي ويا آهن، هاڻي پاڪستان ۾ ايراني سفارتي مشنز سان ويجهي تعاون سان انهن جي جلد کان جلد ۽ محفوظ طريقي سان پنهنجي وطن واپسي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان سموري عمل دوران اسان جو آمريڪي ۽ ايراني عملدارن سان مسلسل رابطو رهيو، اهو گذريل ٻن مهينن دوران ايراني عملي جو چوٿون گروپ آهي، جنهن جي پنهنجي وطن واپسي پاڪستانن ممڪن بڻائي آهي. اڄ جي 22 ماڻهن سميت هيستائين پاڪستان پنهنجي سرزمين جي ذريعي 70 کان وڌيڪ ايراني ڀائرن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته آئون ايراني قيادت جو ٿورائتو آهيان جو انهن پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو. گڏوگڏ پرڏيهي وزارت جي ٽيم ۽ سمورن پاڪستاني ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيت، لڳاءُ ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي پڻ ساراهيان ٿو، جن اسان جي ايراني ڀائرن جي محفوظ ۽ خوش اسلوبي سان پنهنجي وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.






مزید خبریں