عاشوري جي موقعي تي عزادارن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ پرامن ماحول قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف جي هدايتن جي روشني ۾ عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي عزادارن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ پرامن ماحول قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن. جمعي ڏينهن وفاقي پارلياماني سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جي ميمبر …

راولپنڊي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف جي هدايتن جي روشني ۾ عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي عزادارن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ پرامن ماحول قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن. جمعي ڏينهن وفاقي پارلياماني سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ضياءَ الله شاهه سان گڏ پنجاب جي وزيراعلى جي هدايتن تي “پرامن محرم الحرام، اخوت، ڀائيچاري ۽ احترام سان گڏ” جي سلوگن تحت راولپنڊي شهر ۾ عزادارن جي سهولت لاءِ قائم سبيلن جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن سبيلن تي عزادارن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ ٻين انتظامن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته عزادارن جي خدمت کي عبادت سمجهندي سموريون سهولتون بنا رڪاوٽ جاري رکيون وڃن ته جيئن جلوسن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ، ڀائيچاري، مذهبي هم آهنگي، برداشت ۽ گڏيل احترام جي فروغ جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطي سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي صفائي سٿرائي، طبي امداد، ٽريفڪ مئنيجمينٽ، هنگامي خدمتن ۽ ٻين شهري سهولتن جي فراهمي جي لاءِ موثر انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن عزادارن کي هر ممڪن سهولت ملي سگهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جون عظيم قربانيون حق، انصاف، صبر، ايثار، استقامت ۽ ظلم جي خلاف ڄمي بيهڻ جو ابدي درس ڏين ٿيون ۽ مسلمان امت جي لاءِ مشعل راهه آهن. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي عاشوري جي ڏينهن دوران انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل تعاون ڪن، مقرر ضابطه اخلاق تي عمل ڪن ۽ امن امان، مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.






مزید خبریں