سيالڪوٽ-26 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. عالمِ اسلام ۾ اُڀرندڙ اتحاد جو سهرو پاڪستان جي ڪردار ڏي وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن اڊا پسروريان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. خواجه محمد آصف محرم جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ جلوس جي اڳواڻي ڪئي. …
عالمِ اسلام ۾ اُڀرندڙ اتحاد جو سهرو پاڪستان جي ڪردار ڏي وڃي ٿو: خواجه محمد آصف
سيالڪوٽ-26 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. عالمِ اسلام ۾ اُڀرندڙ اتحاد جو سهرو پاڪستان جي ڪردار ڏي وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن اڊا پسروريان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. خواجه محمد آصف محرم جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ جلوس جي اڳواڻي ڪئي. هن بيري والا چؤڪ ۾ موجود مستري عبدالله امام بارگاهه ۾ مجلس عزيٰ ۾ به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اڊا پسروريان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن سال محرم الحرام اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن خطو جنگ جي اثرن مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته ايراني قوم جي استقامت کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن سنتِ حسيني ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ثابت قدمي جي ياد تازي ڪئي. خواجه محمد آصف چيو ته هاڻوڪي جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته محرم جي عاشورن جي موقعي تي عالمِ اسلام جو اتحاد ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ان جو مثال گذريل صدين ۾ گهٽ ئي مليو ۽ ان جو سهرو پاڪستان جي عزم ۽ استقلال ۽ ايراني عوام جي ثابت قدميءَ ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته فلسطيني، ايرانين ۽ لبنانين جون قربانيون رنگ آڻي رهيون آهن ۽ کيس يقين آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطين هڪ آزاد رياست بڻجندو ۽ لبنان جو عوام به اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ کان نجات حاصل ڪندو. هن چيو ته عاشورا اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي عظيم ۽ ابدي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته فلسطيني عوام گذريل اڍائي کان ٽن سالن کان جنهن استقامت ۽ قربانيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اهو به ڪربلا جي ياد تازا ڪري ٿو. خواجه محمد آصف دُعا ڪئي ته مسلمان ملڪ جنهن اتحاد جو مظاهرو ڪري رهيا آهن اهو دائمي صورت اختيار ڪري ۽ پوري مسلم اُمت هڪ جهنڊي هيٺان متحد ٿي وڃي. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي ڪربلا جي شهيدن جي دينِ اسلام لاءِ لازوال محبت، ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبي جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. هن ڪشمير، فلسطين جي آزادي ۽ مسلمان ملڪن جي اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.











