اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون انساني تاريخ جي عظيم ترين جرائت، استقامت ۽ ظلم خلاف حق جي سربلندي جو روشن مثال آهن. حق، انصاف، انساني وقار ۽ اصولن تي پُختي ثابت قدمي جو پيغام حضرت امام حسين رضه پنهنجي قربانيءَ سان ڏنو، اهو اڄ …
حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون انساني تاريخ جي عظيم ترين جرائت، استقامت ۽ ظلم خلاف حق جي سربلندي جو روشن مثال آهن: اعظم نذير تارڙ
اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون انساني تاريخ جي عظيم ترين جرائت، استقامت ۽ ظلم خلاف حق جي سربلندي جو روشن مثال آهن. حق، انصاف، انساني وقار ۽ اصولن تي پُختي ثابت قدمي جو پيغام حضرت امام حسين رضه پنهنجي قربانيءَ سان ڏنو، اهو اڄ به سڄي دنيا ۾ انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهي. قانون واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته ڪربلا جو واقعو اسان کي عدل، صبر، ايثار، رواداري ۽ انسان دوستي جهڙن آفاقي قدرن جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي موقعي تي اسان کي ان تعليم تي غور ڪندي پنهنجي معاشري ۾ برداشت، قومي يڪجهتي، گڏيل احترام ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان مقدس ڏينهن تي اسان حضرت امام حسين رضه جي عظيم ورثي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي انساني وقار جي تحفظ، ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حق کي هٿي وٺرائڻ ۽ هڪ پُرامن، جامع ۽ منصفاڻي پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪريون ٿا. الله تعاليٰ اسان کي حق ۽ صداقت جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطنِ عزيز کي امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ سان نوازي.











