ڪربلا جي شهيدن جون قربانيون انصاف، اتحاد ۽ اصولي قيادت لاءِ ثابت قدميءَ جي علامت آهن: رانا مشهود احمد خان

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان عاشوري (10 محرم 1448هه) جي موقعي تي قوم ۽ خاص ڪري نوجوانن تي زور ڀريو ته هو صبر، قرباني، انصاف، سچائي ۽ ثابت قدميءَ لاءِ حضرت امام حسين رضه جي لازوال قدرن کي اختيار ڪن. عاشوري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪستانين کان ملڪ جي استحڪام ۽ سماجي هم آهنگي کي مضبوط بنائڻ …

اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان عاشوري (10 محرم 1448هه) جي موقعي تي قوم ۽ خاص ڪري نوجوانن تي زور ڀريو ته هو صبر، قرباني، انصاف، سچائي ۽ ثابت قدميءَ لاءِ حضرت امام حسين رضه جي لازوال قدرن کي اختيار ڪن. عاشوري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪستانين کان ملڪ جي استحڪام ۽ سماجي هم آهنگي کي مضبوط بنائڻ لاءِ نفرت، افواهن ۽ چِڙ ڏياريندڙ بيانن کي رد ڪندي قومي اتحاد، بين المذاهب هم آهنگي، امن ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ اهلِ بيت جي عظيم قرباني انصاف، وقار ۽ اسلام جي حقيقي روح جي لازوال علامت آهي. هن چيو ته ڪربلا جو واقعو انساني کي حق، صداقت، جرائت ۽ اصولن سان پُختي وابستگي جو لازوال پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه جبر ۽ باطل آڏو جُهڪڻ کان انڪار ڪندي مسلم اُمت لاءِ غيرت، آزادي ۽ استقامت جو لازوال مثال ڇڏيو آهي. هن چيو ته عاشوره مسلمانن کي بي پناهه چئلينجز ۽ قربانين باوجود سچائي، انصاف، سالميت ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن کي برقرار رکڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته حضرت امام حسين رضه جي سيرت ۽ ڪردار مان سبق حاصل ڪن. صبر، تحمل، اخلاقي جرائت، بي لوث خدمت، مثالي طرزِ عمل ۽ وطن سان محبت کي اختيار ڪن.