محرم الحرام ۽ هفتيوار موڪلن سبب هڪ لک 9 هزار کان وڌيڪ سياح ناران ڪاغان پهچي ويا

ايبٽ آباد-26 جون (اي پي پي) محرم الحرام ۽ هفتيوار موڪلون گڏ ٿيڻ سبب مانسهره جي سياحتي ماڳن ناران ۽ ڪاغان جون هوٽلون مڪمل طور ڀرجي ويون. ڪي پي ڪي ڪلر ۽ ٽوئرازم اٿارٽيءَ موجب سڀ کان وڌيڪ سياح ناران پهتا. تازن انگن اکرن موجب هزارين گاڏين ۾ هڪ لک 9 هزار 292 پاڪستاني جڏهن ته 30 پرڏيهي سياحت خوبصورت نظارن جو لطف ماڻڻ لاءِ ناران ۽ ڪاغان جو سير …

ايبٽ آباد-26 جون (اي پي پي) محرم الحرام ۽ هفتيوار موڪلون گڏ ٿيڻ سبب مانسهره جي سياحتي ماڳن ناران ۽ ڪاغان جون هوٽلون مڪمل طور ڀرجي ويون. ڪي پي ڪي ڪلر ۽ ٽوئرازم اٿارٽيءَ موجب سڀ کان وڌيڪ سياح ناران پهتا. تازن انگن اکرن موجب هزارين گاڏين ۾ هڪ لک 9 هزار 292 پاڪستاني جڏهن ته 30 پرڏيهي سياحت خوبصورت نظارن جو لطف ماڻڻ لاءِ ناران ۽ ڪاغان جو سير ڪرڻ پهتا. ڪي پي ڪي جي سياحتي ماڳن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ناران ۽ ڪاغان ايندڙ سياحن جي آهي. رش سبب ٽريفڪ پوليس گاڏين کي ناران بازار ۾ داخلا جي اجازت ڏئي رهي آهي جن وٽ هوٽل جي بُڪنگ موجود آهي.