تشدد، غيرانساني يا توهين آميز سلوڪ ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ناقابل قبول آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تشدد، غيرانساني يا توهين آميز سلوڪ کي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙا مڪروهه قدم انساني حقن ۽ انساني وقار جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ عالمي قانونن ۽ اسلامي تعليم جي به ابتڙ آهن. تشدد جي متاثرين جي حمايت جي عالمي ڏينهن جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جي …

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تشدد، غيرانساني يا توهين آميز سلوڪ کي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙا مڪروهه قدم انساني حقن ۽ انساني وقار جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ عالمي قانونن ۽ اسلامي تعليم جي به ابتڙ آهن. تشدد جي متاثرين جي حمايت جي عالمي ڏينهن جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تشدد جي متاثرين جي حمايت جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان سڄي دنيا ۾ تشدد جي متاثرين سان پرخلوص انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. اڄ پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي تشدد جي هر شڪل جي خاتمي، انساني وقار، انصاف ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن انسان جي عزت ۽ تڪريم جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته تشدد، غيرانساني يا توهين آميز سلوڪ ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ناقابل قبول آهي. اهڙا مڪروهه قدم انساني حقن ۽ انساني وقار جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ عالمي قانونن ۽ اسلامي تعليم جي به ابتڙ آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انسان جي تقدس ۽ وقار بابت اسلامي قدرن جي رهنمائي ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين جي روشني ۾ تشدد جي خاتمي ۽ سمورن ماڻهن جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي قومي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ڪنهن به نوعيت جي معاشرتي تشدد جا متاثرين بهترين طبي، نفسياتي، قانوني ۽ سماجي معاونت جا حقدار آهن ۽ تشدد جي مرتڪب ماڻهن جو احتساب يقيني بڻائڻ لازمي آهي. ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل قانونن جي موثر لاڳو، قانوني ۽ اداراجاتي سڌارن ۽ رياستي تحفظ ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان غيرملڪي قابضين پاران وسيع پئماني ۽ منظم انداز ۾ تشدد جي بطور هٿيار استعمال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام رياستي ڏاڍ، قابضين جي بدترين تشدد ۽ توهين آميز ۽ غيرانساني سلوڪ کي منهن ڏئي رهي آهي. قابضين جي ڏوهن جي مذمت ۽ انهن جي جوابدهي گڏيل عالمي ذميواري آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي متاثرين جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏهاڪن کان انساني حقن جون مسلسل سنگين خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. عالمي سطح تي ڪيترين ئي مستنند رپورٽس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ من پسند گرفتارين، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين، اجتماعي سزائن، اظهار راءِ جي آزادي تي پابندين ۽ سياسي اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جي حوالي سان عالمي حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ادارن پاران پيش ڪيل رپورٽس ۽ خدشا حقيقت ۾ منظم تشدد جي عالمي تصديق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪري ٿو ته انساني حقن جي خلاف ورزين جي عالمي سطح تي مرتڪب عنصرن جو احتساب يقيني بڻايو وڃي ۽ تشدد جي متاثرين جي تحفظ جي لاءِ موثر ۽ بامعنى عالمي تعاون کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان اڄ جي ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تشدد جي متاثرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جي غيرملڪي قبضي جي خلاف جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت انهن جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو.