راولپنڊي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو حق، صبر، استقامت ۽ قرباني جو لازوال داستان آهي جيڪو رهندي دنيا تائين انسانيت کي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڄمي ويهڻ ۽ حق ۽ صداقت تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏيندو رهندو، حضرت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جون عظيم قربانيون مسلمان امت …
ڪربلا جو واقعو حق، صبر، استقامت ۽ قرباني جو لازوال داستان آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو حق، صبر، استقامت ۽ قرباني جو لازوال داستان آهي جيڪو رهندي دنيا تائين انسانيت کي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف ڄمي ويهڻ ۽ حق ۽ صداقت تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏيندو رهندو، حضرت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن جون عظيم قربانيون مسلمان امت جي لاءِ مشعل راهه آهن جڏهن ته عاشوري جو ڏينهن اسان کي ايثار، برداشت، اخوت، قومي يڪجهتي ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ جو پيغام ڏي ٿو. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ بئريسٽر دانيال چورڌي چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ انهن جي جانثار ساٿين ڪربلا جي ميدان ۾ شجاعت، وفاداري ۽ قرباني جي اهڙي لازوال داستان لکي جنهن جو مثال عالمي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته عاشوري جو ڏينهن حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيندڙ ان عظيم معرڪه جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ رسول ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين پنهنجي جان ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي قرباني پيش ڪري دين اسلام کي نئين زندگي بخشي ۽ مسلمان امت جي لاءِ حق تي ثابت قدم رهڻ جو روشن مثال قائم ڪيو. هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن دين حق جي سربلندي جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون پر اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو انهن جون قربانيون رهندي دنيا تائين زندهه رهنديون. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته امام حسين رضه جي شهادت اسلام جي سربلندي جي لاءِ جان جي بازي لڳائي ڇڏڻ جي اهڙي روايت قائم ڪئي جيڪا هر دور ۾ اهل حق جي لاءِ حوصلي، عزم ۽ استقامت جو سرچشمو آهي. هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن جي ڪري اسلام اڄ به زندهه آهي ۽ حق ۽ باطل جي ڪشمڪش هر دور وانگر اڄ به جاري آهي، ان لاءِ ايثار، قرباني، صبر، برداشت، ڀائيچاري ۽ اخوت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري عوام تي زور ڏنو ته اها ڪربلا جي شهيدن جي پيغام کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻائي، قومي اتحاد کي مضبوط ڪري ۽ بين المسالڪ هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي فروغ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت عزادارن جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي پرامن انعقاد جي لاءِ سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻائي رهي آهي ته جيئن محرم الحرام جا اجتماع محفوظ ۽ پرامن ماحول ۾ منعقد ٿي سگهن.











