ڪربلا جو واقعو امت جي اصلاح، سنت نبوي ﷺ جي احياءَ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي عظيم مقصد جي لاءِ قرباني جو نالو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ڪربلا جو واقعو امت جي اصلاح، سنت نبوي ﷺ جي احياءَ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي عظيم مقصد جي لاءِ قرباني جو نالو آهي، هي مقصد اسان کان گهرج ڪري ٿو ته پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ عدل ۽ انصاف، صبر ۽ برداشت ۽ ذميواري جي اوصاف کي فروغ ڏيون، اختلافن، نفرت …

اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ڪربلا جو واقعو امت جي اصلاح، سنت نبوي ﷺ جي احياءَ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي عظيم مقصد جي لاءِ قرباني جو نالو آهي، هي مقصد اسان کان گهرج ڪري ٿو ته پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ عدل ۽ انصاف، صبر ۽ برداشت ۽ ذميواري جي اوصاف کي فروغ ڏيون، اختلافن، نفرت ۽ انتشار بدران گڏيل احترام، ڀائيچاري ۽ يڪجهتي جهڙي قدرن جي مضبوطي اسان جو مقصد هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران عاشوري جي ڏينهن 10 محرم الحرام 1448هه تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عاشوري جو ڏينهن بنا ڪنهن شڪ جي اسلامي تاريخ جو هڪ فڪر انگيز ڏينهن آهي جيڪو نوع انساني کي ايمان، صبر ۽ استقامت، ايثار، حق پسندي ۽ معاشري جي اصلاح جي بي مثال سبق کان روشناس ڪرائي ٿو. هن چيو ته هي ڏينهن الله تعالى جي نصرت، اهل ايمان جي ڪاميابي ۽ حق جي سربلندي جي لاءِ قربانين جي عظيم واقعن جي ياد ڏياري ٿو. رسول ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنه ۽ ان جي جانثار ساٿين جي عظيم قرباني عاشوري جي ڏينهن کي اسلامي تاريخ ۾ منفرد ۽ دائمي اهميت رکندڙ بڻائي ڇڏيو، ڪربلا جو واقعو اسان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته اصولن ۽ قدرن جي پاسداري هڪ باوقار ۽ مهذب معاشري جو بنياد آهي. حضرت امام حسين رضه الله تعالى عنه پنهنجي طرز عمل سان ثابت ڪيو ته حق ۽ صداقت، عدل ۽ انصاف ۽ انساني عظمت جي تحفظ جي لاءِ قرباني ڏيڻ حقيقت ۾ ظلم ۽ ڏاڍ، ناانصافي ۽ باطل جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ کان افضل آهي. هن چيو ته ڪربلا واقعو امت جي اصلاح، سنت نبوي ﷺ جي احياءَ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي عظيم مقصد جي لاءِ ڪوشش جو نالو آهي. هي مقصد اسان کان گهرج ڪري ٿو ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ عدل ۽ انصاف، صبر ۽ برداشت ۽ ذميواري جي اوصاف کي فروغ ڏيون. اختلافن، نفرت ۽ انتشار بدران گڏيل احترام، ڀائيچاري ۽ يڪجهتي جهڙن قدرن جي مضبوطي اسان جو مقصد هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم خاص طور تي عالمن، ذاڪرين، ميديا ۽ نوجوان نسل کي اپيل آهي ته اهي عاشوري جي ڏينهن جي حقيقي پيغام کي اجاگر ڪن، بين المسالڪ احترام ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏين، اشتعال انگيزي ۽ نفرت جو خاتمو ڪن. هن چيو ته اچو اڄ اهو وچن ڪريون ته حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني جي رهنمائي ۾ حق ۽ انصاف سان پنهنجي وابستگي مضبوط ڪنداسين. معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان هڪ مضبوط، متحد ۽ پرامن قوم جي تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعالى سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ پوري مسلمان امت کي اتحاد، اتفاق ۽ خير ۽ برڪت سان نوازي.






مزید خبریں