اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عاشوري جو ڏينهن اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ بامعنى ڏينهن آهي جيڪو اسان کي صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏي ٿو، هي ڏينهن ڪيترن ئي اهم تاريخي واقعن جي ياد تازي ڪري ٿو جڏهن ته اسلامي تاريخ ۾ ان جي سڀ کان نمايان نسبت رسول ڪريم …
عاشوري جو ڏينهن اسان کي صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري جو عاشوري جي ڏينهن پيغام
اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عاشوري جو ڏينهن اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ بامعنى ڏينهن آهي جيڪو اسان کي صبر، استقامت، ايثار، حق گوئي ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏي ٿو، هي ڏينهن ڪيترن ئي اهم تاريخي واقعن جي ياد تازي ڪري ٿو جڏهن ته اسلامي تاريخ ۾ ان جي سڀ کان نمايان نسبت رسول ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنه، اهل بيت ۽ انهن جي ساٿين جي وفا جي ان عظيم قرباني سان آهي جيڪا 61هجري ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ پيش آئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪربلا واقعو رڳو هڪ تاريخي سانحو نه آهي پر هڪ دائمي پيغام ۽ هڪ زندهه درسگاهه آهي، حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنه پنهنجي عمل سان مسلمان امت کي اها تعليم ڏني ته حق، عدل، ديانت ۽ انساني وقار جي تحفظ جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي پر باطل، ظلم ۽ ناانصافي آڏو ڪَنڌ نه ٿو جهڪائي سگهجي. صدر چيو ته انهن جي جدوجهد جو مقصد امت جي اصلاح ۽ دين محمدي ﷺ جي حقيقي قدرن جو تحفظ هو، اڄ اسان کي بطور قوم اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان حضرت امام حسين رضي الله تعالى عنه جي سيرت سان حق پسندي، اخلاقي جرئت، صبر ۽ تحمل، ايثار ۽ خدمت خلق جي اوصاف کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻائينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته هو سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪري ٿو ته عاشوري جي ڏينهن امن، ڀائيچاري، بين المسالڪ احترام ۽ ڀائيچاري جي فضا کي فروغ ڏين، افواهن ۽ اشتعال انگيز روين کان پاسو ڪن ۽ قومي وحدت ۽ يڪجهتي جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان کي ڪربلا جي واقعي جي حقيقي پيغام کي سمجهڻ، ان مان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگين کي حق، عدل، صبر ۽ تقوى جي اصولن موجب قائم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.









