اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن اسان کي ان چئلينج تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي لاءِ هڪ سنجيده مسئلو بڻيل آهي، هي ڏينهن ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ جو پڻ موقعو آهي ته منشيات جي خطرن جي بدلجندڙ نوعيت موجب اسان جي …
منشيات جو استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ سڄي دنيا لاءِ هڪ سنجيده مسئلو آهي، منشيات جي خطرن جي بدلجندڙ نوعيت موجب اسان جي ردعمل کي به تبديل ٿيڻ گهرجي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن اسان کي ان چئلينج تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي لاءِ هڪ سنجيده مسئلو بڻيل آهي، هي ڏينهن ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ جو پڻ موقعو آهي ته منشيات جي خطرن جي بدلجندڙ نوعيت موجب اسان جي ردعمل کي به تبديل ٿيڻ گهرجي. منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ روايتي منشيات سان گڏوگڏ انتهائي خطرناڪ مصنوعي ۽ غيرقانوني نشي آور شين جون نيون قسمون سامهون آيون آهن، ڏوهاري پيشا نيٽ ورڪس جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي ذريعي پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائي رهيا آهن، خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نظرن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن سرگرمين جي مالي معاونت جا طريقا به وڌيڪ پيچيده ٿي چڪا آهن جن ۾ ڪرپٽو ڪرنسين ۽ ٻين ڊيجيٽل ادائيگي جي ذريعن جو استعمال شامل آهي جيڪي روايتي مالياتي نظام جي حدن کان ٻاهر ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ موبائيل ايپلي ڪيشنز کي منشيات جي استعمال جي تشهير، ترويج ۽ ان کي معمول جي ڳالهه بڻائي پيش ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، نقصانڪار شين کي اڪثر فيشن، بي ضرر تفريح يا ڪاميابي ۽ سماجي قبوليت جي علامت جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو، اهڙا پيغام خاص طور تي نوجوانن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيا وڃن ٿا جڏهن انهن جا نظريا، امنگون ۽ احساس وابستگي سان ڳنڍجي رهيا هوندا آهن، هر نسل پنهنجي ڀرپاسي جي دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ پنهنجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿي، منشيات جي واپار مان فائدو کڻندڙ عنصر انهي حقيقت جو ناجائز فائدو کڻن ٿا، ڪجهه ڌرين ۾ منشيات جي استعمال کي مرتبي، آزادي يا جديديت جي علامت جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي تصور انتهائي خطرناڪ ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، نشي، انحصار ۽ انساني صلاحيتن جي تباهي ۾ ڪا ترقي پسندي نه آهي. صدر چيو ته منشيات جي استعمال جا اثر عام شهرين جي روزاني جي زندگي ۾ نمايان طور تي محسوس ڪيا وڃن ٿا، نشي جو شڪار هڪ شاگرد تعليمي موقعن کان محروم ٿي سگهي ٿو، ملازمت جي ميدان ۾ قدم رکندڙ هڪ نوجوان مستحڪم مستقبل تعمير ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، متاثر ماڻهو جا گهرڀاتي اڪثر جذباتي ۽ مالي بار برداشت ڪن ٿا، ان جا اثر رڳو هڪ شخص تائين محدود نه ٿا رهن پر خاندانن، برادرين ۽ پوري معاشري کي متاثر ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته جيتوڻيڪ غيرقانوني منشيات جي پيداوار، اسمگلنگ ۽ ورڇ جي خلاف موثر ڪارروائي لازمي آهي، پر رڳو قانون لاڳو ڪرڻ جا قدم ان مسئلي جو مڪمل حل نه آهن، اسان کي خاتمي، تعليم، آگاهي ۽ بحالي جي قدمن کي پڻ مضبوط بڻائڻو پوندو، منشيات تي دارومدار جا شڪار ماڻهو مدد، علاج ۽ پنهنجي زندگي نئين سر تعمير ڪرڻ جي موقعن جا مستحق آهن، صحتيابي ممڪن آهي ۽ وقت سر معاونت حاصل ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو بعد ۾ پنهنجي خاندانن ۽ معاشري جي لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته هن سال جو موضوع “جاري مسئلا، نوان چئلينجز ۽ منشيات کان پاڪ نسل جي جوڙجڪ جي لاءِ اختراعي قدم” اسان جي وچن جي حقيقتن جي عڪاسي ڪري ٿو، هي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته حڪومتن، ادارن ۽ معاشرن کي چوڪس رهڻ ۽ اڀرندڙ خطرن موجب پاڻ کي ان موجب بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ وسيع قومي ڪوشش گهربل آهي، پارليامينٽ، انتظاميا، تعليمي ماهرن، عالم سڳورن، ميڊيا سان واڳيل ماڻهن، ڪميونٽي اڳواڻن، والدين ۽ دانشور طبقي جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي اهڙو سماجي ۽ ثقافتي ماحول جوڙين جيڪو نوجوانن کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ مثبت موقعن مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏي. صدر چيو ته اسان کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان جي نوجوان نسل تعليم، تخليق، خدمت ۽ ڪاميابي ۾ پنهنجي تحريڪ ڳولي، نه ڪي اهڙن مضر اثرن ۾ جيڪي ان جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏين. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان موقعي تي هو انهن سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪي ان جدوجهد ۾ پهرين صف ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، طبي ماهر، استادن، صلاحڪار ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر شامل آهن. انهن جو لڳاءُ ۽ خدمتون اسان جي برادرين جي تحفظ ۽ ان چئلينج جي خلاف گڏيل ردعمل کي مضبوط بڻائڻ ۾ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته پاڪستان جو مستقبل ان جي عوام خاص طور تي نوجوانن جي ڀلائي، اعتماد ۽ امنگن سان واڳيل آهي، جيڪڏهن اسان گڏجي منشيات جي استعمال جي روڪٿام، صحتيابي جي عمل جي معاونت ۽ نقصانڪار شين کي معمول جو حصو سمجهڻ جي رجحان کي رد ڪريون ته اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ صحتمند، محفوظ ۽ پراميد معاشرو جوڙي سگهون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جي ڪوششن کي ڪامياب فرمائي ۽ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان نوازي.









