اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو آريا – فارمولا اجلاس ٿيو جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي خال کي ڀَرڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ تي غور ڪيو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب چين ۽ پاڪستان گڏيل طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هڪ آريا …
چين ۽ پاڪستان جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو آريا – فارمولا اجلاس، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي خال کي ڀَرڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ تي غور ڪيو ويو
اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو آريا – فارمولا اجلاس ٿيو جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي خال کي ڀَرڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ تي غور ڪيو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب چين ۽ پاڪستان گڏيل طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هڪ آريا – فارمولا اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ميمبر ملڪن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو ته سلامتي ڪائونسل پنهنجي قراردادن جي مڪمل، موثر ۽ غيرامتيازي عملدرآمد کي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي سگهي ٿي. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي معاون سيڪريٽري جنرل خالد خياري، سيڪيورٽي ڪائونسل رپورٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شامالا ڪندياه ۽ انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ جي رچرڊ گووان بريفنگ ڏني. خطاب ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عملدرآمد سلامتي ڪائونسل جي ساک، اختيار ۽ موثريت جو بنيادي ٿنڀ آهي. هنن نشاندهي ڪئي ته قراردادن سان گڏ حقيقت پسنداڻي مينڊيٽ، واضح طريقيڪار، مسلسل رپورٽنگ، مناسب وسيلن، سياسي عزم ۽ موثر فالو اپ جا اهڙا نظام موجود هجڻ گهرجن جيڪي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي زميني حقيقتن ۾ تبديل ڪري سگهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل جون قراردادون رڳو ارادن جو اظهار نه آهن پر گڏيل قومن جي منشور تحت قانوني ذميواريون آهن. هن زور ڏنو ته قراردادن تي چونڊ بنيادن تي يا ڊگهي عرصي تائين عملدرآمد نه ٿيڻ سلامتي ڪائونسل جي اختيار کي ڪمزور ڪري ٿو، حل طلب تڪرارن کي ڊيگهه ڏي ٿو ۽ انساني مصيبتن ۾ اضافو ڪري ٿو، جهڙوڪ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي معاملن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ڪري هڪ اهم عالمي تڪرار اڃا تائين حل طلب آهي، جنهن جا عالمي امن ۽ سلامتي تي سنگين اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪشميري عوام ڊگهي انساني مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان عملي تجويزون به پيش ڪيون، جن ۾ غيرلاڳو ٿيل ۽ جزوي طور تي لاڳو ٿيل قراردادن جو ساليانو جائزو، عملدرآمد جي وڌيڪ واضح طريقيڪار، موثر فالو اپ جي نظام ۽ سيڪريٽري جنرل جي سفارتي ڪوششن، امن مشنز ۽ علائقائي انتظامن کي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن سان بهتر هم آهنگ ڪرڻ جون تجويزون شامل هيون. اجلاس ۾ شريڪ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين ميمبر ملڪن چين ۽ پاڪستان جي ان قدم جي آجيان ڪئي ۽ مختلف ملڪن ۽ موضوعاتي معاملن ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ۽ تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل جا فيصلا حقيقت پسنداڻا، قابل عمل ۽ مستقل سفارتڪاري، باقاعده جائزي، وقت سر رپورٽنگ ۽ مناسب وسيلن جي معاونت سان آراسته هجن. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته قراردادن تي عملدرآمد سلامتي ڪائونسل جي ساک ۽ افاديت جو بنيادي امتحان آهي. اجلاس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي فيصلن جي مستقل، غيرجانبداراڻي ۽ پرعزم لاڳو کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن وقت سر مباحثي جي گڏيل انعقاد جي ذريعي چين ۽ پاڪستان گهڻ رخي نظام، سلامتي ڪائونسل جي اختيار ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي گڏيل وابستگي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُءَ ڪيو.












