وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سينيئر صحافي افتخار احمد کي ٽيليفون، سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي افتخار احمد کي ٽيليفون ڪري سندس ڀاءُ آغا اقبال احمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا اقبال احمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت …

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي افتخار احمد کي ٽيليفون ڪري سندس ڀاءُ آغا اقبال احمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا اقبال احمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي.