جيو پوليٽڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي، خواهش آهي ته وزيراعظم ڪامياب ٿئي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وڃن ۽ اهو طئي ڪن ته اسان سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين ته موجوده جيو پوليٽڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، جيو پوليٽڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي، خواهش آهي ته …

اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وڃن ۽ اهو طئي ڪن ته اسان سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين ته موجوده جيو پوليٽڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، جيو پوليٽڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي، خواهش آهي ته وزيراعظم ڪامياب ٿئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪامياب ٿيندو ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اعتراض واري نُقطي تي هن چيو ته سڀ کان پهرين هو ناڻي واري وزير کان معذرت چاهي ٿو ڇاڪاڻ ته اسان جو ارادو هو ته بجيٽ جو عمل مڪمل ڪيو وڃي، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته سموريون تقريرن مڪمل ٿين ۽ اسان ان مرحلي تي پهچي وڃون، پر ايترا موضوع کوليا ويا جو مون کي پنهنجو مؤقف پيش ڪرڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ٻه ڀيرا پاڻ وزيراعظم کي ووٽ ڏئي چڪو آهيان، هو جنهن محنت، ڪم جي اخلاقيات ۽ نيت ۽ انداز سان اتحادي ۽ مخالف ڌر سان رابطو رکي ٿو، ان مان واضح آهي ته هو هاڪاري انداز ۾ ملڪ کي ڏُکين حالتن مان ڪڍڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن قوم ۽ سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وڃن ۽ طئي ڪن ته اسان سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، ته موجوده جيو پوليٽيڪل حالتن ۾ پاڪستان لاءِ موجود موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. ان لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي، جڏهن ته هن ڪجهه وزيرن جي بيانن تي خدشن جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته آخر ڇو هو اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا يا اهڙا مشورا ڏين ٿا جن سان ان عمل ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي؟ هن چيو ته هو رانا ثناءُ الله جي عزت ڪري ٿو، نواز شريف جو ڪشمير سان جيڪو تعلق آهي ان کان به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ته حڪومت کي به اهڙي پوزيشن اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سياسي رستو نڪري سگهي. مولانا فضل الرحمان کي اهو موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو لاڳاپيل ڌُرين سان ڳالهيون ڪري ان مسئلي جو اهڙو حل ڪڍي ته جيئن بار بار احتجاج نه ڪرڻو پوي ۽ ڪشمير ڪاز به محفوظ رهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورن مسئلن جو سياسي حل ڪڍي سگهجي ٿو ۽ منهنجي سمجهه موجب وزيراعظم جي به اها ئي خواهش آهي. هن چيو ته پ پ آئين جو بنياد رکيو ۽ 18هين آئيني ترميم به منظور ڪرائي. اسان جي ڪراچي جي معزز دوستن سان پ پ جو ڪو مسئلو ناهي پر ڪجهه دوست ساڻس سياست ڪري رهيا آهن. وڌيڪ مطالبا ۽ نَوان معاملا ڇيڙڻ بدران بهتر اهو آهي ته جيڪڏهن اختلاف آهي ته دوست حڪومت کان ڌار ٿي وڃن. پ پ چيئرمين چيو ته جيستائين مڪاني نظام جو تعلق آهي، جتي پ پ جي حڪومت آهي اتي مڪاني نظام موجود آهي، ڪراچيءَ ۾ جيڪو مڪاني نظام موجود آهي، اسان مطالبو ڪريون ته سڄي ملڪ ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. اسان گلگت بلتستان ۾ به 90 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائينداسين، منهنجي خواهش آهي ته وزيراعظم ڪامياب ٿئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪامياب ٿيندو ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو.

مزید خبریں