اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته عهدا سڄي عمر نٿا رهن پر عزت ۽ احترام جا رشتا قائم رهڻ گهرجن. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير کانپوءِ اسپيڪر چيو ته هو پاڻ درويش صفت انسان آهي، مان 1998ع ۾ پي ٽي آءِ مان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ هڪ خط به لکيو هو، جيڪو …
عهدا سڄي عمر نٿا رهن پر عزت ۽ احترام جا رشتا قائم رهڻ گهرجن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته عهدا سڄي عمر نٿا رهن پر عزت ۽ احترام جا رشتا قائم رهڻ گهرجن. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير کانپوءِ اسپيڪر چيو ته هو پاڻ درويش صفت انسان آهي، مان 1998ع ۾ پي ٽي آءِ مان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ هڪ خط به لکيو هو، جيڪو اڄ به مون وٽ آهي، ان خط ۾ پارٽي ڇڏڻ جي سڄي حقيقت ٻُڌائي. اسپيڪر چيو ته هن پهرين فيبروري 2001ع تي ان وقت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي جڏهن پارٽي مخالف ڌر ۾ هئي. اسپيڪر چيو ته ڪالهه مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي تقرير ۾ مون کي حوالدار چيو ته مان مذاقن ٻُڌايو ته مان ٻن طرح جي حوالدارن کي سڃاڻان ٿو، هڪ حوالدار جيڪو سرحدن تي فرض سرانجام ڏئي ٿو ۽ ٻيو حوالدار ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ٿو، انهن مان ڪهڙو حوالدار آهيان. اسپيڪر چيو ته قانون چوي ٿو ته اوهان اسپيڪر خلاف ڳالهه نٿا ڪري سگهو، مخالف ڌر مون تي آئين جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي، مون کي ٻُڌايو وڃي ته مان ڪهڙيءَ طرح آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته عهدو يا ايم اين اي شپ سڄي حياتي نٿي رهي. عزت جا رشتا رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اسان جي ذاتي جنگ ناهي، مان ڪڏهن به دل آزاري جي ڳالهه ناهي ڪئي، گناهگار آهيان ۽ خطائون به ٿين ٿيون پر ڪوشش ڪريان ٿو ته مخالف ڌر جي ماڻهن کي موقعو ڏيان ۽ کين وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. ڪٽوتي جي رٿن تي مخالف ڌر جي 25-25 ماڻهن کي موقعو ڏنو ويو پر ٻاهر وڃي ٻُڌائين ٿا ته اسپيڪر اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏي.










