اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارتي ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڳتي به گڏ هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اربع ڏينهن مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي صدر عبدالعليم خان وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ حڪومت بنائڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پ …
پ پ پ ۽ استحڪام پارٽي پاران گلگت بلتستان ۾ اڳتي به گڏجي هلڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارتي ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڳتي به گڏ هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اربع ڏينهن مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي صدر عبدالعليم خان وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ حڪومت بنائڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پ پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي راجا پرويز اشرف به ملاقات ۾ موجود هو. استحڪام پاڪستان پارٽي طرفان عون چوڌري، گل اصغر بگهور ۽ منزه حسن شريڪ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ عبدالعليم خان وچ ۾ ملاقات ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. پ پ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڳتي به گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو.










