اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ هائيڊرو ڪاربن ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ پاڪستان (ايڇ ڊي آءِ پي) ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنز (ڊي جي پي سي) کي هدايت ڪئي آهي ته اداري جي گورننس، ڪارڪردگي ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ ٻن هفتن اندر نئين سر جامع منصوبو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. اها هدايت هن اربع ڏينهن …
پيٽروليم واري وفاقي وزير پاران ايڇ ڊي آءِ پي ۽ ڊي جي پي سي کي گورننس، ڪارڪردگي ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار اثرائتو بنائڻ لاءِ نئين سر جامع منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ هائيڊرو ڪاربن ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ پاڪستان (ايڇ ڊي آءِ پي) ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنز (ڊي جي پي سي) کي هدايت ڪئي آهي ته اداري جي گورننس، ڪارڪردگي ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ ٻن هفتن اندر نئين سر جامع منصوبو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. اها هدايت هن اربع ڏينهن ايڇ ڊي آءِ پي جي هيڊ ڪوارٽرز ۽ ليباٽرين جي دؤري جي موقعي تي ڪيو. هن اداري جي پيشيوراڻي سرگرمين، فني صلاحيتن ۽ جاچ ۽ تصديقي خدمتن جو تفصيلي جائزو ورتو. وفاقي وزير مختلف ليبارٽرين جو معائنو ڪيو ۽ پيٽروليم شعبي لاءِ فراهم ڪيل تجزياتي، سرٽيفڪيشن ۽ ٽيسٽنگ سهولتن جو مشاهدو ڪيو. علي پرويز ملڪ اداره جاتي جديد ڪاريءَ جي ضرورت تي زور ڀريندي ايڇ ڊي آءِ پي جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو اهڙا سڌارا متعارف ڪرائي جيڪي اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ سان گڏوگڏ ان کي توانائيءَ جي شعبي جي بدلجندڙ ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي سگهن. هن چيو ته نئين سر تنظيم جي عمل جو بنيادي مقصد گورننس کي مضبوط بنائڻ، انتظامي ۽ عملي سگهه ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ايڇ ڊي آءِ پي کي ملڪ جي هائيڊرو ڪاربن شعبي کي هڪ ناليوارو فني ادارو بنائڻ گهرجي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بورڊ آف گورنز سميت اهم انتظامي ۽ قيادتي عهدن تي مقرريون ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن هڪ مضبوط، اثرائتي ۽ جوابده انتظامي ڍانچو قائم ڪري سگهجي جيڪو اداره جاتي سڌارن جي عمل کي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائي سگهجي. هن ايڇ ڊي آءِ پي کي هدايت ڪئي ته هو عالمي معيار جي ليبارٽرين ۽ عالمي ادارن سان سهڪار کي هٿي ڏين ته جيئن معيار جي بهتري، جديد عالمي طريقيڪار کي حاصل ڪرڻ ۽ فني سگهه ۾ واڌ کي يقيني بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سان پاڪستان جي هائيڊرو ڪاربن ٽيسٽنگ ۽ سرٽيفڪيشن نظام جي ساک ۽ چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. هن چيو ته درست ۽ مستند هائيڊرو ڪاربن ڄاڻ نه صرف اثرائتي پاليسي سازيءَ لاءِ اڻٽر آهي پر ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. علي پرويز ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت توانائيءَ جي شعبي سان واڳيل ادارن جي اصلاح، گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري رکندي ته جيئن پاڪستان جي ڊگهي مُدي واري انرجي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.










