اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ايراني صدر جي پاڪستان جي دؤري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان خطي ۾ استحڪام ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي ۽ …
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان خطي ۾ استحڪام ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي: مولانا فضل الرحمان

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ايراني صدر جي پاڪستان جي دؤري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان خطي ۾ استحڪام ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل رابطن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. گلگت بلتستان چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي معاملو عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي ۽ سندس پارٽيءَ طرفان عدالت ۾ سمورا لاڳاپيل ثبوت جمع ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي ۽ فيصلو قانون ۽ آئين موجب هئڻ گهرجي.










