نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حضرت بري امام سرڪار رحه جي مزار جي ترقي ۽ انتظامي معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حضرت بري امام سرڪار رحه جي مزار جي ترقي ۽ انتظامي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي 14 آگسٽ 2026ع تي منعقد ٿيندڙ “چادر پوشي جي تقريب” ۽ 15 کان 17 آگسٽ 2026ع تي منعقد ٿيندڙ “عرس مبارڪ حضرت بري امام سرڪار رحه” …

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار حضرت بري امام سرڪار رحه جي مزار جي ترقي ۽ انتظامي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي 14 آگسٽ 2026ع تي منعقد ٿيندڙ “چادر پوشي جي تقريب” ۽ 15 کان 17 آگسٽ 2026ع تي منعقد ٿيندڙ “عرس مبارڪ حضرت بري امام سرڪار رحه” جي انتظامن ۽ تيارين تي تفصيلي غور فڪر ڪيو. نائب وزيراعظم ان روحاني ۽ مذهبي مقصد جي لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن جي لڳاءُ ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن ريلوي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته مزار شريف جي سارسنڀال، مرمت ۽ تعميراتي ڪمن جي نگراني ڪري ۽ انهن معاملن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، گهرو معامن ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير، گهرو معاملن واري سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، ليفٽيننٽ جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، گوهر زاهد ملڪ ۽ سهيل ڀٽي شرڪت ڪئي.


مزید خبریں