لوئر دير ۾ خوارجين خلاف ڪامياب آپريشن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سي ٽي ڊي ۽ پوليس کي مبارڪ

اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لوئر دير جي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي خيبر پختونخوا ۽ پوليس کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادري کي ساراهيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته …

اسلام آباد- 24 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لوئر دير جي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي خيبر پختونخوا ۽ پوليس کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادري کي ساراهيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا ۽ پوليس جي بهادر جوانن وقت سر ڪاروائي ڪندي خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. سجي قوم کي پنهنجي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي بهادر جوانن تي فخر آهي، جيڪي ملڪ جي بقا ۽ امن لاءِ فرنٽ لائن تي هر وقت الرٽ آهن.

مزید خبریں