لاهور- 24 جون (اي پي پي) قومي ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو وڏو ڀاءُ شاهد اختر لاڏاڻو ڪري ويو. شعيب اختر جي ڀاءِ جي لاڏاڻي جي خبر کانپوءِ مداحن ۾ افسوس جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪٽر جاويد ميانداد، رميز راجا، ڪامران اڪمل، رانا نويدالحسن ۽ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري اشرف خان مرحوم لاءِ مغفرت ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. شعيب …
قومي ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو وڏو ڀاءُ شاهد اختر لاڏاڻو ڪري ويو

مزید خبریں
لاهور- 24 جون (اي پي پي) قومي ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو وڏو ڀاءُ شاهد اختر لاڏاڻو ڪري ويو. شعيب اختر جي ڀاءِ جي لاڏاڻي جي خبر کانپوءِ مداحن ۾ افسوس جي لهر پيدا ٿي وئي آهي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪٽر جاويد ميانداد، رميز راجا، ڪامران اڪمل، رانا نويدالحسن ۽ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري اشرف خان مرحوم لاءِ مغفرت ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. شعيب اختر پنهنجي سوشل ميديا پيغام ۾ ڀاءُ جي لاڏاڻي جو اطلاع ڏيندي گهري ڏک جو اظهار ڪيو هن چيو ته انتهائي افسوس سان اها خبر شيئر ڪري رهيو آهيان ته منهنجو پيارو وڏو ڀاءُ شاهد اختر هن دنيا ۾ ناهي رهيو. اڳوڻي فاسٽ بالر مداحن ۽ عوام کي مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا جي اپيل ڪئي آهي.











