ايران سان واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائي جو دارومدار تهران تي لاڳو عالمي پابندين ۾ نرمي سان واڳيل آهي: پاڪستان جو پرڏيهي کاتو

اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري اعلى سطحي ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه تي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران سان واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائي جو دارومدار تهران تي لاڳو عالمي پابندين ۾ نرمي سان واڳيل آهي. اربع ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته ايران جي لاءِ پابندين …

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري اعلى سطحي ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه تي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران سان واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائي جو دارومدار تهران تي لاڳو عالمي پابندين ۾ نرمي سان واڳيل آهي. اربع ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته ايران جي لاءِ پابندين ۾ نرمي جو رستو سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو آهي. هن ان عمل کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌندي تعميري نتيجا پيدا ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه ۾ عارصي وقفو آيو آهي جڏهن ته اها ڳالهه ٻولهه ايندڙ هفتي ٻيهر شروع ٿيندي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو جاري رهڻ هڪ حوصلي جوڳي علامت آهي. هن چيو ته اها هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي ته ٻئي ڌريون ڳالهه ٻولهه  مصروف آهن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ميز تي موجود آهن. آبنائي هرمز جي صورتحال تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته سفارتي ڪوششن ۾ اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ان اهم پاڻي گذرگاهه ۾ معمول جي سرگرمين جي مڪمل بحالي ۾ آپريشنل گهرجن جي ڪري ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو. آبنائي هرمز جي ڪنٽرول بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي قدمن جي حمايت ڪري ٿو ۽ علائقائي مسئلن جي علائقائي حل تي يقين رکي ٿو. هن خطي جي سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي اهميت تي زور ڏنو. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي تازي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي طاهر حسين اندرابي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ سميت ڪيترن ئي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ٻطرفي اقتصادي منصوبن ۽ واپاري توسيع ۾ اڳڀرائي ايران تي لاڳو پابندين جي خاتمي سان اڳتي وڌندي. هن چيو ته ايران سان اقتصادي منصوبن جي مجموعي اڳڀرائي ۽ واپار جي فروغ جو عمل آمريڪا پاران پابندين جي خاتمي سان گڏ اڳتي وڌندو. ترجمان چيو ته ايراني صدر جي دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن پاران امن، استحڪام ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ هو. هن چيو ته ايراني قيادت پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن تي پاڪستان انهن جو ٿورائتو آهي. ايران جي لاءِ 300 ارب ڊالر جي تجويز ڪيل مالياتي پئڪيج بابت سوال جي جواب ۾ طاهر حسين اندرابي چيو ته ان معاملي تي سوئٽزرلينڊ ۾ جاري ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه دوران غور ڪرڻ جي اميد آهي. افغانستان جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان سان ٻطرفي رابطن بابت پنهنجي ڪيتريون ئي ذميواريون پوريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني ڪئي آهي جڏهن ته هن چيو ته بعد ۾ ڪجهه اڳڀرائين پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون. هن پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن سفارتڪاري کي اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي شروعات افغانستان پاران اها واضح خاطري هجڻ گهرجي ته ان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. ترجمان زور ڏنو ته افغانستان جي عوام پاڪستاني عوام جا ڀائر آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا عوامي رابطا موجود آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ طاهر حسين اندرابي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مفاهمت جي فروغ ۾ چين جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ چين سان ويجهو تعاون جاري رکندو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جون مصروفيتون جاري آهن ۽ ان مسئلي جو سادو حل اهو آهي ته افغان ڌر عالمي قانون تحت پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪري. ايران جي شهيد سپريم ليڊر شهيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ پاڪستان جي نمائندگي بابت سوال تي ترجمان چيو ته اڃان تائين اهو فيصلو ناهي ڪيو ويو ته پاڪستان پاران ان تقريب ۾ ڪير شرڪت ڪندو.