اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورت سفارتڪارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، گڏيل فهم ۽ ادراڪ ۽ تعاون جي فروغ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جي ڪوششن عالمي رابطن کي مضبوط بڻايو ۽ مشڪل ۽ غيريقيني حالتن ۾ تڪرارن جي پرامن …
پاڪستان ۾ عورتن جي سفارتڪاري ۽ قومي زندگي ۾ خدمتن جي هڪ روشن روايت موجود آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورت سفارتڪارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، گڏيل فهم ۽ ادراڪ ۽ تعاون جي فروغ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جي ڪوششن عالمي رابطن کي مضبوط بڻايو ۽ مشڪل ۽ غيريقيني حالتن ۾ تڪرارن جي پرامن حل جي راهه هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عورت سفارتڪارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي سفارتڪاري ۽ قومي زندگي ۾ خدمتن جي هڪ روشن روايت موجود آهي، بيگم رعنا لياقت علي خان پاڪستان قائم ٿيڻ جي شروعاتي سالن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي باوقار ۽ موثر نمائندگي ڪئي، بيگم شائسته اڪرام الله، هڪ ناليواري سفارتڪار ۽ پارليامينٽرين هئي جيڪا گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اولين نمائندن ۾ شامل رهي. هن انساني حقن جي فروغ ۽ نئين آزاد ٿيندڙ قومن جي آواز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن پاڪستان جي عالمي رابطن کي سگهه ڏني ۽ عالمي فورمز تي ملڪ جو مقام وڌيڪ مستحڪم ڪيو. صدر چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ پاڪستاني عورتن پرڏيهي آفيس ۽ سفارتي خدمتن جي مختلف اعلى عهدن تي فرض سرانجام ڏنا آهن جن ۾ سفير، مستقل نمائنده، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ مشن سربراهه جهڙا اهم عهدا شامل آهن. هنن ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ رخي ادارن ۾ پاڪستان جي موثر نمائندگي ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته انهن جون خدمتون سفارتڪاري جي سمورن شعبن ۾ نمايان آهن، اهي پاڪستان جي قومي مفادن جي فروغ سان گڏوگڏ رابطن ۽ ڳالهه جا دروازا کليل رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون خاص طور تي رياستن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران جڏهن محتاط ڳالهه ٻولهه جي ضرورت پيش اچي ٿي، هٿياربند تڪرارن، جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ، موسمياتي چئلينجز، تيز رفتار فني تبديلين ۽ نئين سلامتي خطرن کان متاثر موجوده دور ۾ انهن جو ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. هن چيو ته سفارتڪاري جو بنيادي مقصد امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ آهي، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جامع تياري، منظم ڳالهه ٻولهه ۽ مختلف موقف کي سمجهڻ جي صلاحيت گهربل هوندي آهي. عورت سفارتڪارن انهن سمورن شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي پيشيواراڻي مهارت، قابليت ۽ عوامي خدمت جي جذبي جي ذريعي سفارتي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مسلسل ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان عوامي خدمتن جي سمورن شعبن ۾ برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ پُرعزم آهي، اسان جو آئين سمورن شهرين کي برابر حق ۽ قانون تحت هڪ جهڙي سلوڪ جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اسان قومي ادارن خاص طور تي پرڏيهي آفيس ۾ عورتن جي ڀرپور شموليت جي حمايت جاري رکي آهي، اڄ پاڪستاني عورتن جو وڌندڙ انگ سفارتي مشنز ۽ عالمي تنظيمن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ مُشڪل ڳالهه ٻولهه ۽ ڏُکين حالتن ۾ اهم ذميواريون ادا ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته تازي سفارتي اڳڀرائي هڪ ڀيرو ٻيهر مستقل رابطي ۽ خاموش سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي جوڙجڪ ۾ پاڪستان جي معاونت انهي طرز عمل جي عڪاس آهي جنهن جو بنياد ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي آهي. صدر چيو ته پاڪستني عورت سفارتڪارن پنهنجي ساٿين سان مختلف حيثيتن ۾ انهن ڪوششن ۾ حصو وڌو آهي ۽ گڏيل قومن سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موثر ڪردار جي فروغ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان موقعي تي هو پاڪستان جي سمورن موجوده ۽ اڳوڻي عورت سفارتڪارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن جي خدمتن ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي وقار ۽ ساک کي مضبوط بڻايو آهي ۽ اسان جي سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ بامعنى بڻايو آهي، انهن جي حصيداري هڪ اهڙي مسلسل قومي عزم جو حصو آهي جنهن تحت پاڪستان سنجيدگي، نظم ۽ ضبط ۽ واضح مقصد سان دنيا سان رابطا قائم رکڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.










