اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان جمهوريه ازبڪستان جي پاڪستان ۾ مقرر سفير علي شير تختائيف اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين تعليم، واپار، معيشت، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت ۽ چوپائي مال جي ترقي وارن شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ …
وفاقي وزير احسن اقبال سان ازبڪستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان جمهوريه ازبڪستان جي پاڪستان ۾ مقرر سفير علي شير تختائيف اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين تعليم، واپار، معيشت، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت ۽ چوپائي مال جي ترقي وارن شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، علائقائي رابطا وڌائڻ ۽ اقتصادي انضمام کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن گڏيل تحقيقي منصوبن، شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا وارن پروگرامن ۽ تربيتي قدمن ذريعي تعليمي تعاون کي وسعت ڏيڻ جي موقعن جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊگري پروگرامن جي گڏيل منظوري (جوائنٽ ايڪريڊيٽيشن) جي امڪانن تي به غور ويچار ڪيو ويو ته جيئن معياري تعليم کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ۽ تعليمي سندن جي عالمي سطح تي پذيرائي ۾ اضافو ٿي سگهي. تعليمي تعاون تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ٻولين کي هٿي وٺائڻ ۽ علمي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته روسي ٻولي سکڻ جي خواهشمند پاڪستاني شاگردن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ ازبڪستان هڪ اهم منزل ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن سان انهن کي خطي ۾ موجود سائنسي، فني ۽ تحقيقي وسيلن تائين بهتر پهچ هاصل ٿيندي. ملاقات ۾ تعليمي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير اسلامي ورثي جي تحفظ ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ ازبڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، خاص ڪري سمرقند ۾ بحال ڪيل امام بخاري ڪامپليڪس ۽ تاشقند ۾ قائم سينٽر فار اسلامڪ سولائيزيشن جهڙن منصوبن کي قابل تحسين قرار ڏنو. هن چيو ته انهن قدمن پاڪستان ۾ پڻ خاص دلچسپي پيدا ڪئي آهي ۽ ثقافتي ۽ تعليمي تعاون جا نوان موقعا فراهم ڪيا آهن. ڌرين ظهير الدين محمد بابر جي زندگي ۽ خدمتن تي ٻڌل هڪ گهڻ قسطي تاريخي ڊرامو گڏيل طور تيار ڪرڻ جي امڪان تي به غور ڪيو جنهن جو مقصد خطي جي گڏيل تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ هوائي رابطن کي هٿي وٺائڻ جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ تاشقند-لاهور اڏام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ڪراچي کان ازبڪستان جي اهم شهرن لاءِ سڌي ريت اڏامون شروع ڪرڻ جي تجويز تي به ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن سياحت، واپار ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺائي سگهجي. ازبڪستان جي سفير علي شير تختائيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ حڪومت پاڪستان کي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، سفارتي رابطن کي هٿي وٺائڻ ۽ پرامن حل جي ڪوششن تي مبارڪون ڏنيون. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ علائقائي رابطا، اقتصادي تعاون ۽ ثقافتي هم آهنگي جي گڏيل ويزن کي عملي صورت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.










