حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، عورتن جو ڪردار قومي ترقي ۽ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي)  گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي زندگي جي هر شعبي ۾ سندن موثر شموليت لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي، معاشي اوسر، سماجي هم آهنگي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ ضروري آهي. هن انهن خيالن جو اظهار اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ نيشنل …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي)  گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي زندگي جي هر شعبي ۾ سندن موثر شموليت لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي، معاشي اوسر، سماجي هم آهنگي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ ضروري آهي. هن انهن خيالن جو اظهار اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي شراڪتداري سان منعقد عورتون بطور امن ليڊرز عالمي ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي چيو، ڪانفرنس ۾ پاليسي سازن، سيڪيورٽي ماهرن، تعليمي ماهرن، سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عالمي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ امن  کي هٿي ڏيڻ، انتهاپسندي جي خاتمي ۽ قومي استحڪام ۾ عورتن جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي صنعتي تحفظ کي قومي سلامتي جو اهم جزو قرار ڏئي ٿي ۽ امن ۽ ترقي لاءِ جامع ۽ شموليتي حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏئي ٿي. هن چيو ته اسان جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان آهي، جتي هر ٻار تعليم حاصل ڪري سگهي، هر عورت قيادت جي موقعن مان مستفيد ٿئي ۽ هر شهري ملڪ جي روشن مستقبل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ رڳو هڪ سماجي هدف ناهي پر قومي ضرورت آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر سردار طاهر محمود چيو ته عورتون صرف امن مان فائدو کڻندڙ ناهي پر امن جون معمار ۽ محافط آهن. هن چيو ته عورتون استاد، ڪاروباري شخصيت، پاليسي ساز، ڪميونٽي ليڊر جي حيثيت سان امن ساز معاشري ۾ رواداري، سماجي هم آهنگي ۽ قومي ترقي کي هٿي ڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. نيڪٽا جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر  جواد احمد ڊوگر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام هڪ گڏيل عالمي ذميواري آهي جنهن لاءِ عالمي تعاون ۽ شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي ضروري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس جون سفارشون  مستقبل جي پاليسي سازي ۽ تحقيقي ۾ معاون ثابت ٿينديون.  ان موقعي تي ڪانفرنس جي مختلف پينل مباحثن ۾ عورتن، مردن،  پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي سي آءِ جي سينئر نائب صدر سميت هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي  ڪنوينر سميت ڪاروباري برادري، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں