اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهڻ، جڏهن ته ٻنپهرن جو مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي واري جابلو علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهڻ، جڏهن ته ٻنپهرن جو مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي واري جابلو علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد سبي ۾ 45، دالبندين، دادو، شهيد بينظير آباد ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته موجوده صوتحال جي پيش نظر اولهه واري هوائن جو ڪمزور سلسلو ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي حصن تي موجود آهي. عرب سمنڊ کان ڪمزور گهميل هوائون اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته موسمي گهٽ دٻاءُ اولهندي بلوچستان ۽ ڀرپاسي علائقن تي موجود آهي.











