راولپنڊي - 23 جون (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز پنجگور واري علائقي جيرڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ مواصلاتي مواد هٿ ڪري ورتو. آپريشن دوران گاڏي مان 4 راڪيٽ فيوز ۽ ڪيترائي آءِ اي ڊيز قبضي ۾ ورتا. سيڪيورٽي ذريعن موجب اهو ڌماڪي …
بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي، دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام

مزید خبریں
راولپنڊي – 23 جون (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز پنجگور واري علائقي جيرڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ مواصلاتي مواد هٿ ڪري ورتو. آپريشن دوران گاڏي مان 4 راڪيٽ فيوز ۽ ڪيترائي آءِ اي ڊيز قبضي ۾ ورتا. سيڪيورٽي ذريعن موجب اهو ڌماڪي دار مواد ڪنهن امڪاني وڏي دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻو هو. سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ پيشيواراڻي ڪارروائي ان ناپاڪ منصوبي کي ناڪام بڻائي علائقي کي امڪاني وڏي تباهي کان بچائي ورتو. دهشتگردي خلاف اها ڪامياب ڪارروائي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن دشمن عنصرن خلاف شيهي جي ڀت بڻيل آهي.











