پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 778.94 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 177692.92 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 778.94 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 177692.92 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 146 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 308 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 110 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 765.14 …

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 778.94 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 177692.92 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 146 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 308 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 110 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 765.14 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 35.44 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 177.32 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 53022.88 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 207.69 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 254789.27 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 34.60 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 83430084 شيئرز، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 71244700 شيئرز ۽ سوئي سدرن گئس جي 32348350 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.