فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 28 جون تائين طلب

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته فرانس ۾ 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ٽيڪس ورلڊ پيرس ۾ شرڪت لاءِ 28 جون تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش فرانس جي شهر پيرس ۾ 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ايپرل، ڊينم فيبرڪس سان …

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته فرانس ۾ 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ٽيڪس ورلڊ پيرس ۾ شرڪت لاءِ 28 جون تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش فرانس جي شهر پيرس ۾ 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ايپرل، ڊينم فيبرڪس سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.