ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻو

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي شاندار آجيان ڪئي ۽ سندس اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. ايران جي صدر کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ايراني صدر گارڊ آف …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي شاندار آجيان ڪئي ۽ سندس اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. ايران جي صدر کي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ايراني صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايران جي صدر سان تعارف ڪرايو جڏهن ته ايراني صدر پڻ پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو ۽ دعا ڪئي.