اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات

راولپنڊي - 23 جون (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ امن جي فروغ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب ايراني صدر خطي ۾ ڳالهه ٻولهه، …

راولپنڊي – 23 جون (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ امن جي فروغ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب ايراني صدر خطي ۾ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيو. هن وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي چئلينجز دوران تڪرارن جي پرامن حل ۽ علائقائي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جو اعتراف ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي مشاورت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي.