قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي 18 هزار 771 ارب روپين جي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ منظور

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي 18 هزار 771 ارب روپين جي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ اقتصادي ترقي، ٽيڪس رليف، گهٽ آمدني وارا طبقا، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، هائوسنگ ۽ تعميرات، زراعت ۽ صنعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي 18 هزار 771 ارب روپين جي ڪاٿي جي وفاقي بجيٽ منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ اقتصادي ترقي، ٽيڪس رليف، گهٽ آمدني وارا طبقا، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، هائوسنگ ۽ تعميرات، زراعت ۽ صنعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پگهاردار طبقي کي رليف ڏيندي ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ سر چارج کي ختم ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ايف بي آر جي محصولن جو ڪاٿو 15 هزار 264 ارب روپيا رکيو ويو آهي، هائوسنگ ۽ زراعت سميت قومي معيشت جي مختلف شعن لاءِ خاص مراعتن جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو ڪاٿو هڪ هزار ارب روپيا جڏهن ته ملڪي دفاع لاءِ 3 هزار ارب روپيا رکيا ويا آهن، 15 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ روپين جي آمدني تي لاڳو سپر ٽيڪس مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 838 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي بل 2026ع جي منظوري ورتي جڏهن ته ان ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون ۽ ناڻي واري وزير پاران پيش ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي. وفاقي بجيٽ 27-2026ع تحت وزيراعظم هائوسنگ فنانس اسڪيم ذريعي گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن کي صرف 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي مورگيج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اي – بائيڪس ۽ اي- رڪشائن جي خريداري لاءِ سبسڊي تي ٻڌل فنانسنگ فراهم ڪئي پئي وڃي. 7.1 ارب روپين تحت سڄي ملڪ ۾ ايگري اسٽوريج فنانسنگ فيسلٽي جاري ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ ايڪسپورٽ آمدني تي لاڳو 0.25 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ سرچارج کي مڪمل طور تي ختم، ايڪسپورٽ فنانس اسڪيم تحت مارڪ اپ جي شرح 19 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪئي وئي. ايڪسپورٽ فيسليٽيشن اسڪيم تحت سهولت جي عرصو 9 مهينن مان وڌائي 18 مهينا ڪيو ويو ته جيئن روانگي واپار ڪندڙن کي ڪيش فلو جا مسئلا درپيش نه ٿين. ان کان علاوه صنعتي بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا ويا. بجيٽ جي هڪ ٻئي اهم ترجيح ايندڙ سال ٽيڪسن جي بار ۾ اضافي بدران لاڳو ۽ ٽيڪس ڪمپلائنس ذريعي آمدني وڌائڻ آهي. بجيٽ 27-2026ع جي هڪ اهم ترجيح نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ ضروري وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ۽ ملڪي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلن جي فراهمي ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. اهڙي طرح دانش اسڪول نيٽ ورڪ کي به توسيع ڏني پئي وڃي ته جيئن ڪو به ذهين ٻار وسيلن جي گهٽتائي سبب تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم نه رهي. بجيٽ ۾ خيبر پختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ پڻ خاطر خواهه رقم رکي وئي آهي ته جيئن اتي به عوامي سهولت جي فراهمي کي بهتر ڪري سگهجي. وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب روپيا رکيا ويا آهن، ان ۾ صوبائي ترقياتي پروگرامن لاءِ 2 هزار 224 ۽ رياستي ملڪيتي ادارن پاران سيڙپڪاري لاءِ 451 ارب روپيا شامل آهن، وفاقي ترقياتي پروگرام جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو اهم شعبن، ٽرانسپورٽ، مواصلات، آبي وسيلن ۽ توانائي تي آهي. چر پر ۽ مواصلات لاءِ 365 ارب روپيا، توانائي ۽ بجلي لاءِ 116 ارب روپيا رکيا ويا آهن. 43 آبي منصوبن لاءِ 103 ارب روپيا رکيا ويا آهن، پائيدار شهري ترقي ۽ هائوسنگ جي شعبي لاءِ 54 ارب روپيا رکيا ويا آهن، صحت لاءِ 25 ارب، اعليٰ تعليم ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ 46 ارب روپيا، بنيادي تعليم ۽ هنر لاءِ 22 ارب روپيا، گورننس ۽ اداره جاتي سڌارن لاءِ 13 ارب روپيا رکيا ويا آهن. جائيداد جي منتقلي تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس کي معقول بڻائيندي فائلرز لاءِ خريداري تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو کان 1.25 ۽ وڪري تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2.75 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. بجيت ۾ پگهاردار طبقي جي آمدني کي 4 سليبز ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪو پگهاردار 22 کان 32 لک روپين جي وچ ۾ ساليانو پگهار کڻي ٿو ان تي ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو، 32 لک کان 41 لک روپين تائين جي وچ ۾ آمدني وارن پگهاردارن لاءِ ٽيڪس جي شرح 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 25 سيڪڙو، 41 کان 56 لک روپين تائين جي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهڙ ڪري 29 سيڪڙو ۽ 56لک کان 70 لک روپين تائين پگهار تي ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 32 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. بجيت ۾ پگهار تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي کان علاوه هڪ ٻيو اهم رليف قدم کڻندي پگهاردار طبقي تي لاڳو سرچارج کي به ختم ڪيو ويو آهي. روانگي واپار وارو شعبو اسان جي معيشت جي اوسر جي ضمانت بڻجندڙ مٽاسٽا جي ناڻو حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي، هن وقت روانگي واپار تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس جي مد ۾ مجموعي طور تي 2 سيڪڙو لاڳو ٽيڪس گهٽ ڪري 1.25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪريڊٽ، ڊيبٽ ڪارڊ جي عالمي ٽرانزيڪشنز تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس گهٽ ڪري 0.5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي اثاثا رکڻ تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪس ٽيڪس متعارف ڪيو ويو آهي. جنهن تحت 20 ڪروڙ روپين تائين يا ان کان گهٽ جي سالياني آمدني تي انهن کيس 25 هزار روپيا ساليانو ٽيڪس جمع ڪرائڻي پوندي، هو ان نظام تحت پنهنجي سالياني سيلز جو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا. سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۾ ٿرڊ شيڊول جي دائره ڪار کي وسعت ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊز جي ڪيٽيگري کي شامل ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي نئين ٽيڪس آپريٽنگ ماڊل تحت نيشنل فيس ليس مرڪز بڻايا ويندا جيڪي صوابديدي ۽ غير صوابديدي افعالن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندا. اهي مرڪز صوابديدي اختيارن جهڙوڪ آڊٽ اسيسمينٽ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول هوندا، ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ٽيڪس آفيسر وچ ۾ ڪنهن قسم جو رابطو نه هوندو، خودڪار طريقيڪار تحت ڪنهن آفيسر کي ڪيس ڏنا ويندا. هڪ الڳ آڊٽ يونٽ ان جو معائنو ڪندو. پيٽروليم بيسڊ سالونٽس جن ۾ اڇو اسپرٽ، پيٽروليم نفتٿم ۽ منزل تارپين آئل تي 80 روپيا في ليٽر فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، اهي شيون پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي دائري کان ٻاهر اچن ٿيون پر انهن کي تيل ۾ ملاوٽ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ان ملاوٽ سبب هر سال لکين صارفين جون گاڏيون ۽ مشينري خراب ٿيندي آهي. آمدني واپار ٿيندڙ ڪارن ۽ 2 هزار سي سي کان 3 هزار سي سي تائين جي گاڏين جي ايس يو ويز تي 66 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. اها ٽيڪس وڏين انجڻ واريون آمدني واپار ٿيندڙ سي بي يو تي به لاڳو هوندي. بجيٽ ۾ بزنس ڪلاس ۾ پرڏيهي سفر تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي دوائن جي مقامي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ 100 کان وڌيڪ قسمن جي ڪچي مال تي ڪسٽم ڊيوٽي مڪمل ختم ڪئي وئي آهي. بجيٽ ۾ خطي جي غير يقيني صورتحال ۽ ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ دفاعي شعبي جي بجيٽ ۾ خاطر خواهه اضافو ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ ايندڙ مالي سال دوران اقتصادي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ناڻي واڌ جي شرح 8.2 سيڪڙو، بجيٽ خساري جي ڊي پي جو 3.6 سيڪڙو جڏهن ته پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو هوندو. ايف بي آر جي محصول جو ڪاٿو 15 هزار 264 ارب روپيا رکيو ويو آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال کان 17.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وفاقي محصول ۾ صوبن جو حصو 8 هزار 848 ارب روپيا هوندو. مالي سال 27-2026ع لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران محصول جي امڪاني وصولي 15 هزار 264 ارب رپيا آهي جڏهن ته اسٽريٽجڪ قومي گهُرجن کي نظر ۾ رکندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ ورهاست لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 13 هزار 350 ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. 15 هزار 264 ارب روپين تائين وصل ٿيندڙ رقم وفاقي حڪومت کي پاڪستان جي آئين 1973ع جي آرٽيڪل 164 تحت صوبائي حڪومتن پاران گرانٽس جي صورت ۾ قومي اسٽريٽجڪ گهرجن جي پڄاڻي لاءِ دستياب هوندي. اهي انتظام ايندڙ مالي سال لاءِ لاڳو هوندا ۽ مالي سال 28-2027ع ۽ 29-2028ع ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مشاورت سان ان نوعيت جي بنيادن تي ان جي تجديد ڪئي ويندي. وفاقي نان ٽيڪس روينيو جو هدف 5 هزار 336 ارب روپيا رکيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 751 ارب روپيا جڏهن ته خرچن جو ڪاٿو 18 هزار 771 ارب روپيا آهي جنهن ۾ 8 هزار 54 ارب روپيا مارڪ اپ جي ادائگي لاءِ رکيا ويا آهن. سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام هڪ هزار ارب روپيا، وفاقي حڪومت جي جاري خرچن جو ڪاٿو 17 هزار 495 ارب روپيا رکيو ويو آهي. ملڪي دفاع لاءِ 3 هزار ارب روپيا رکيا ويا آهن، سول انتظاميه جي خرچن لاءِ هڪ هزار 71 ارب روپيا رکيا ويا آهن، پينشن جي خرچن لاءِ هڪ هزار 169 ارب روپيا ۽ بجلي ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي لاءِ هڪ هزار 91 ارب روپين جي رقم رکي وئي آهي. گرانٽس جي مد ۾ 2 هزار 680 ارب روپيا رکيا ويا آهن جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ آهن. وزيراعظم اپنا گهر اسڪيم لاءِ 71 ارب روپيا ۽ ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي واڌ لاءِ 88 ارب روپيا رکيا ويا اهن. بي آءِ ايس پي لاءِ 838 ارب روپيا رکيا ويا آهن جيڪي هلندڙ سال کان 17 سيڪڙو وڌيڪ آهن. آزاد ڪشمير لاءِ 146 ارب روپيا، گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب روپيا ۽ خيبر پختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ 95 ارب روپيا رکيا ويا آهن.