حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهين ذريعي 3.5 ٽريلين رپين جو بار گهٽ ڪيو آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل نئين روايتن کي جنم ڏنو آهي: دفاع بابت وفاقي وزير

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته موجوده حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهين ذريعي 3.5 ٽريلين روپين جي بجيٽ کي يقيني بڻايو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نئين روايتن کي جنم ڏئي رهيا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجه محمد آصف چيو ته موجوده حڪومت آءِ پي پيز سان …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته موجوده حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهين ذريعي 3.5 ٽريلين روپين جي بجيٽ کي يقيني بڻايو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نئين روايتن کي جنم ڏئي رهيا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجه محمد آصف چيو ته موجوده حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهين ڪري 3500 ارب روپين جو بار گهٽ ڪيو آهي. ماضي ۾ ان حوالي سان ڪوششون ناڪام ٿيون هيون، اهي معاهدا 35 سال جي عرصي ۾ ٿيا ان لاءِ ان جي ذميواري سمورن سياسي پارٽين تي لاڳو ٿئي ٿي، ماضي ۾ حالتن موجب ڪيپسٽي ادائگين جا معاهدا ڪرڻا پوندا هئا. هن چيو ته آءِ پي پيز سان وڌيڪ ڳالهين لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ به ڪوششون جاري رهنديون پر ڪنهن به حڪومت تي الزام لڳائڻ اخلاقي طور درست ناهي. ڪنهن به حڪومت تي تنقيد ڪندي ياد رکڻ گهرجي ته اسان پاڻ ته ان گناهه ۾ ملوث ناهيون رهيا. هن چيو ته اڄ وزيراعظم ايوان ۾ داخل ٿيو آهي ۽ مخالف ڌر سان مليو آهي ڇا ماضي ۾ ايئن ٿيو هو، شهباز شريف قائد ايوان جي حيثيت سان نئين روايتن کي جنم ڏنو آهي، شهباز شريف ۽ عاصم منير جن نئين روايتن کي جنم ڏنو آهي انهن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ هن ايوان ۾ جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ جيڪا زبان ڳالهائي ويندي هئي اها سڀني کي ياد آهي.