اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران گهرن مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سان جڙيل آهن، مون کي يقين آهي ته اهو دورو ٻه طرفه تعاون کي مضبوط ڪرڻ، اقتصادي رابطن کي وسعت ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ايران جي صدر جي پاڪستان آمد …
پاڪستان ۽ ايران گهرن مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سان جڙيل آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران گهرن مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سان جڙيل آهن، مون کي يقين آهي ته اهو دورو ٻه طرفه تعاون کي مضبوط ڪرڻ، اقتصادي رابطن کي وسعت ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ايران جي صدر جي پاڪستان آمد جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن فارسي زبان ۾ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني عوام هميشه پنهنجي ايراني ڀائرن جو کليل دلي سان استقبال ڪيو آهي، ان دوري جي ڪاميابي ۽ ڀرپور نتيجن جي دعا ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي پائيدار دوستي علائقائي امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي ضمانت آهي.











