قومي صحت واري وزارت ۾ انٽيگريٽڊ ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم جي شروعات

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي قومي صحت واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موثر اي گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ انٽيگريٽڊ ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آفيسرن …

اسلام آباد- 23 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي قومي صحت واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موثر اي گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ انٽيگريٽڊ ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ قومي صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آفيسرن کي نئين انٽيگريٽڊ ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم جي مختلف رخن ۽ ان جي طريقيڪار جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب ڊجيٽل نظام کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي ۽ صحت واري وزارت ۾ متعارف ڪرايل نئين انٽرنل ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم شفافيت، ڪارڪردگي ۽ موثر حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ٽاسڪ مينجمينٽ سسٽم ذريعي وزارت جا سمورا ڪم آن لائين، واضح ۽ قابل نگراني هوندا جڏهن ته هر ٽاسڪ جي اڳڀرائي، ذميواري ۽ پڄاڻي جو مڪمل رڪارڊ به محفوظ رکيو ويندو. هن چيو ته وزارت جي سمورن حڪمن ۽ هدايتن کي هڪ مرڪزي ڊجيٽل پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ان نظام تحت هڪ ريئل ٽائيم ڊيش بورڊ فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي مقرر ڪيل ٽاسڪ جي اڳڀرائي ڪنهن به وقت هڪ ئي پليٽ فارم تي ڏسي سگهجي ٿي. هن واضح ڪيو ته آئينده سمورا معاملا ٽاڪس مينجمينٽ سسٽم تحت هلايا ويندا ۽ ان بنياد تي جوابدهي، ڪارڪردگي جو جائزو ۽ انعام ۽ سزا جو تعين ڪيو ويندو. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ان نئين نظام کي مڪمل سنجيدگي سان اختيار ڪن ۽ انهن جي موثر لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اهي قدم حڪومت جي شفافيت، موثر حڪمراني ۽ جديد ڊجيٽل نظام کي هٿي ڏيڻ جي ويزن جي عين مطابق آهن.

مزید خبریں