ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو اسلام آباد پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شاندار استقبال، 21 توپن ۽ پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهازن پاران سلامي پيش

اسلام آباد - 23 جون (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي نور خان ايئربيس اچڻ تي شاندار آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعلى عملدار …

اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اسلام آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي نور خان ايئربيس اچڻ تي شاندار آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعلى عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايران جو اعلى سطحي وفد پڻ صدر مسعود پزشڪيان سان گڏ آهي. ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهازن به کيس سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن صدر مسعود پزسڪيان کي گل پيش ڪيا جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران جا جهنڊا پڪڙيل ٻارن ايراني صدر جي آجيان ڪئي. صدر مسعود پزشڪيان هٿ لوڏي ٻارن جي آجياڻي وارن نعرن جو جواب ڏنو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستاني قيادت سان گرمجوشي سان هٿ ملايو. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ استقبال جي لاءِ موجود هئا. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو بطور صدر پاڪستان جو هي ٻيو دورو آهي.